سعودي عرب پاران برڪس ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت جي آجيان

سعودي عرب برڪس ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت جي آجيان ڪندي چيو آهي ته هو برڪس ۾ شموليت جي تفصيلن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ گروپ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪندو.

سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان چيو آهي ته هو دنيا جي اڀرندڙ معيشتن برڪس ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت کي ساراهي ٿو.

هن چيو ته برڪس اقتصادي تعاون کي هٿي وٺرائڻ لاءِ فائديمند ۽ اهم چينل آهي، برڪس ۾ شموليت جي تفصيلن جو جائزو وٺنداسين ۽ پهرين جنوري کان اڳ شموليت بابت مناسب فيصلو ڪنداسين.

برڪس گروپ اڄ 6 نون ملڪن سعودي عرب، يو اي اي، ايران، مصر، ارجنٽائن ۽ ايٿوپيا کي گروپ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني آهي.

نون ملڪن جو الحاق 1 جنوري 2024 کان لاڳو ٿيندو. BRICS ھڪ تنظيم آھي جنھن ۾ برازيل، روس، ھندستان، چين ۽ ڏکڻ آفريڪا شامل آھن.

Read Previous

روسي ميزائل يوگيني پرگوزين جي جهاز کي تباهه ڪري ڇڏيو، آمريڪا

Read Next

سنڌ جي اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا جو گهيرو تنگ

Most Popular