گورک هل اسٽيشن ۽ دادو جي ترقي جي فنڊن ۾ اربين رپين جي گهوٻين جي جاچ تيز

دادو ؛ گورک هل اسٽيشن جا مبينا 23 ارب ۽ دادو جي ترقياتي فنڊن ۾ گھوٻيون، جاچ اختياريون سرگرم ٿي ويون.

گورک هل اسٽيشن جي فنڊن ۽ دادو ضلعي ۾ ترقياتي اسڪيمن جي ڏس ۾اربين رپين جي گھوٻين جي جاچ شروع ٿي وئي آهي.

گورک هل جي 23 ارب رپين ۽ دادو ضلعي جي ترقياتي فنڊن ۾ گھوٻين جي جاچ لاءِ نيب ۽ ايف آءِ اي سرگرم، ڪامورا غائب ٿيڻ شروع ٿي ويا.

ڪيترن ئي ٺيڪيدارن نگران سيٽ اپ بعد اسڪيمن ۾ اربن جي ڪرپشن بابت نيب کي دستاويزي ثبوت پيش ڪري ڇڏيا، گورک ڊيولپمينٽ اٿارٽي، ورڪس اينڊ سروس، ڊسٽرڪٽ روڊس ۽ ٻيا کاتا نيب جي جاچ دائري ۾ شامل ٿي ويا.

پراوشنل هاءِ وي، پبلڪ هيلٿ جي آفيسرن، ٺيڪيدارن، چونڊيل نمائندن جون لسٽون تيار ڪيون ويون، پ پ دادو جو صدر اڳوڻو ايم اين اي رفيق جمالي ۽ سندس ڀاءُ سعيد احمد جمالي دبئي کسڪي ويا.

رفيق جمالي جي ساٿين موجب رفيق جمالي دبئي گهمڻ لاءِ ويو آهي، جلد واپس ايندو

Read Previous

فاطمه قتل ڪيس: حناشاهه روپوش، پوليس فياض شاهه کي به گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام

Read Next

بجلي جي بلن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ خلاف ٽئين ڏينهن به ملڪگير احتجاج

Most Popular