فاطمه قتل ڪيس: حناشاهه روپوش، پوليس فياض شاهه کي به گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام

راڻيپور جي حويلي ۾ زيادتي ۽ تشدد ڪري ماريل ٻارڙي فاطمه جي قتل ڪيس ۾ روپوش حنا شاهه ۽ سندس پيءُ فياض شاهه گرفتار نه ٿي سگهيا، حنا شاهه ضمانت جو مدو پورو ٿيڻ بعد عدالت آڏو پيش ٿيڻ بدران روپوش ٿي وئي.

قتل ڪيس جي مک جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرن جو سلسلو اڄ به جاري رهيو.

خيرپور ۾ ڊاڪٽرن، نرسنگ اسٽوڊنٽس ۽ سول سوسائٽي پاران قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

ايس ٽي پي جي سڏ تي شهيد فاطمه ۽ شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا.

لاڙڪاڻو، ڪنڌڪوٽ، شهدادڪوٽ، ميرپورماٿيلو، سڪرنڊ، قاضي احمد ۽ سرهاڙي ۾ به احتجاج ڪيو ويو، نوشهروفيروز، جيڪب آباد، نئون ڪوٽ، سن، دوڙ ۽ ٻين شهرن ۾ به مظاهرا ڪيا ويا.

احتجاج ڪندڙن چيو ته شهيد فاطمه ۽ شهيد جان محمد مهر جا قاتل گرفتار ڪري انهن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.

Read Previous

ڪشمور: مغوي جي وارثن کان 10 ڪروڙ ڀنگ طلب، تشدد واري وڊيو جاري

Read Next

گورک هل اسٽيشن ۽ دادو جي ترقي جي فنڊن ۾ اربين رپين جي گهوٻين جي جاچ تيز

Most Popular