سنڌ جي 52 بااثر شخصيتن جا نالا اسٽاپ لسٽ ۾ شامل

ڪراچي : ايف آءِ اي ۽ نيب اختيارين سنڌ سان تعلق رکندڙ اڳوڻن وزيرن، بااثر ڪامورن، واپارين سميت 52 شخصيتن جا نالا اسٽاپ لسٽ ۾ شامل ڪري کين ٻاهر وڃڻ کان روڪي ڇڏيو. حيدرآباد ڊويزن سان تعلق رکندڙ اڳوڻو وزير دبئي رستي پرڏيهه وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

نيب اختيارين ايڪسائيز ۽ خوراڪ کاتي ۾ ٿيل ڪرپشن واري ڪيس ۾ اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش چاولا، سندس پي ايس، ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ سندن گهر ڀاتين سميت 40 ڄڻن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. ان ڏس ۾ باخبر ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب ايف آءِ اي ۽ نيب اختيارين سنڌ سان تعلق رکندڙ اڳوڻن وفاقي ۽ صوبائي وزيرن، بااثر ڪامورن ۽ واپارين سميت اهم شخصيتن جا نالا اسٽاپ لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيا آهن.

ذريعن موجب اومني گروپ سان تعلق رکندڙ اي مجيد کي ڪراچي ايئرپورٽ تان پرڏيهه وڃڻ کان روڪيو ويو، جنهن کي بااثر شخصيتن جي مداخلت بعد پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني وئي. انهي واقعي بعد اسٽاپ لسٽ جو انڪشاف ٿيو، ذريعن موجب حيدرآباد ڊويزن سان تعلق رکندڙ اڳوڻو صوبائي وزير پڻ دبئي رستي پرڏيهه وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي

ٻئي طرف نيب اختيارين ايڪسائيز ۽ خوراڪ کاتي ۾ گھوٻين واري ڪيس ۾ اڳوڻي صوبائي وزير مڪيش چاولا، سندس والد ڀڳوان داس چاولا، امڙ ڪوشليا ديوي، زال رويشا ڪماري، ڌيءُ اسٿا چاولا، ڀائرن پرديپ ڪمار، سنتوش ڪمار، وجنت ڪمار ۽ اشوڪ ڪمار، ڀينرن چندرا ديوي، شيلا جيرام، ڀڳونتي، رائنا چاولا، مڪيش چاولا جي ڀيڻوئي جيرام داس تلريجا، سندس زال شيلا تلريجا، وڪي ڪمار تلريجا، سونيا تلريجا، هيري جان، ايڪسائيز کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر وحيد شيخ، سندس والد رسول بخش، امڙ گل حميده، زال منيزه وحيد، پٽ لاريب، ڌيئرن رومسيه ۽ ونيزه ۽ ڀائرن زبير ۽ عمران شيخ، مڪيش چاولا جو پي ايس رهندڙ حسن علي شريف، سندس والد انور علي امڙ شمع پروين، زال هدا ترين، ڌيءُ لائبه نور، عامر اشرف انڍڙ، سندس زال شيرين، ڌيءُ عليزه، پٽ حمزه، عامر گل قريشي ۽ سندس گھر ڀاتين شازيه، عينه گل، مزمل مصطفيٰ، مدثر مصطفيٰ کي متحرڪ ۽ غير متحرڪ اثاثن، بئنڪ اسٽمينٽس جي تفصيلن سميت نيب اختيارين جي آڏو پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف ايف آءِ اي ۽ نيب جي سنڌ ۾ متحرڪ ٿيڻ بعد اينٽي ڪرپشن کاتو به کين ڪائونٽر ڪرڻ لاءِ حرڪٽ ۾ اچي ويو آهي، جيڪو ڪرپشن ڪيسن جي جاچ جي نالي ۾ هن وقت تائين 3 کاتن جو رڪارڊ طلب ڪري چڪو آهي

Read Previous

بجلي جي بلن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ خلاف ٽئين ڏينهن به ملڪگير احتجاج

Read Next

خورشيد شاهه بجلي جي في يونٽ ۾ 15 رپيا گهٽتائي جي تجويز ڏئي ڇڏي

Most Popular