اطلاعات بابت نگران وفاقي وزير گلگت بلتستان ۾ پاڪ فوج جي مقرري وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي

اطلاعات بابت نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي گلگت بلتستان ۾ پاڪ فوج جي مقرري وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ مرتضيٰ سولنگي چيو ته گلگت بلتستان ۾ پاڪ فوج جي مقرري واريون خبرون بي بنياد آهن پاڪ فوج جون خدمتون امام حسين عه جي چاليهي جي موقعي تي طلب ڪيون ويون آهن.

اطلاعات واري وزير چيو ته گلگت بلتستان ۾ هن وقت سمورا روڊ، واپاري مرڪز، تعليمي ادارا معمول موجب کليل آهن. صرف چاليهي جي سيڪيورٽي ۽ صورتحال کي نظر ۾ رکندي گهرو وزارت گلگت بلتستان ۾ قلم 144 لاڳو ڪري رکي آهي.

مرتضيٰ سولنگي ٻڌايو ته جلوس جي رستن ۽ امام بارگاهن جي سيڪيورٽي لاءِ ماضي جيان خصوصي قدم کنيا ويا آهن عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ سي آر پي سي 1998ع جي قلمن تحت 144 لاڳو ڪئي وئي آهي.

ٻئي طرف گلگت بلتستان جي گهرو وزارت چيو آهي ته صورتحال مڪمل طور تي پرامن آهي. واپاري مرڪز، تعليمي ادارا معمول موجب کليل آهن.

Read Previous

پنجاب ۾ ڊينگي جا وار جاري: هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 70 نوان ڪيس سامهون اچي ويا

Read Next

چندريان 3 چنڊ تي 2 هفتن جو ڪم مڪمل ڪري ورتو

Most Popular