چندريان 3 چنڊ تي 2 هفتن جو ڪم مڪمل ڪري ورتو

هندستان جي قمري مشن چندرايان 3 چنڊ تي پنهنجي 2 هفتن جي ذميواري مڪمل ڪئي آهي.

ڀارتي خلائي ايجنسي چيو آهي ته چندرايان 3 جي چنڊ روور کي هاڻي سليپ موڊ ۾ رکيو ويو آهي.

ڀارتي خلائي ايجنسي موجب چنڊ روور چنڊ جي ڏکڻ قطب تائين 100 ميٽر کان وڌيڪ سفر ڪري چڪو آهي ۽ هاڻي ان کي ايندڙ مشن لاءِ ٻيهر چالو ڪيو ويندو.

ڀارتي خلائي ايجنسي چيو آهي ته چنڊ مشن ڀارت جي قمري سفير طور اتي ئي رهندو.

ڀارتي مون مشن چنڊ ​​تي سلفر، لوهه، آڪسيجن ۽ ٻين عنصرن جي موجودگي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

ياد رهي ته ڀارت جو خلائي مشن 23 آگسٽ تي چنڊ جي ڏکڻ قطب جي مٿاڇري تي پهتو هو.

Read Previous

اطلاعات بابت نگران وفاقي وزير گلگت بلتستان ۾ پاڪ فوج جي مقرري وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي

Read Next

2021ع کانپوءِ پهريون ڀيرو گڏيل عرب امارات ۾ آمريڪي سفير مقرر

Most Popular