2021ع کانپوءِ پهريون ڀيرو گڏيل عرب امارات ۾ آمريڪي سفير مقرر

آمريڪا 2021 کانپوءِ پهريون ڀيرو گڏيل عرب امارات ۾ پنهنجو سفير مقرر ڪيو آهي.

ان حوالي سان آمريڪي پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته مارٽينا اسٽرانگ هن هفتي پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي.

مارٽينا اسٽرانگ کي جان ريڪوٽا جي جاءِ تي مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو ڊونلڊ ٽرمپ جي دور ۾ سفير مقرر ٿيو هو.

ميڊيا رپورٽن موجب مارٽينا اسٽرانگ هڪ ڪيريئر ڊپلوميٽ آهي، جيڪو عبوري عرصي تائين سعودي عرب ۾ آمريڪي سفارتخاني ۾ چيف مشن آفيسر طور پڻ خدمتون سرانجام ڏئي چڪي آهي.

مارٽينا اسٽرانگ ان کان اڳ بلغاريا، عراق، چيڪ ريپبلڪ ۽ بارباڊوس ۾ سفير طور ڪم ڪري چڪي آهي.

Read Previous

چندريان 3 چنڊ تي 2 هفتن جو ڪم مڪمل ڪري ورتو

Read Next

آمريڪا: لاس ويگاس ۾ تيز برساتن سبب ٻوڏ واري صورتحال، رهائشي علائقا پاڻي هيٺ

Most Popular