ريشم بي وفا مردن جي سڃاڻپ پڌري ڪئي

پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا ريشم بي وفا مردن جي سڃاڻپ ٻڌائي ڇڏي.

ريشم تازو هڪ خانگي ٽي وي شو ۾ مهمان طور نظر آئي جتي هن مردن بابت پنهنجا ويچار ونڊيا.

هن چيو ته جيڪڏهن ڪو مرد بي وفا آهي ۽ تعلق ختم ڪرڻ چاهي ٿو ته هو معقول عذر ڪندو.

ريشم چيو ته هو ڪال وصول ڪرڻ کان پاسو ڪندو، نظرانداز ڪندو ۽ لاتعلقي ڏيکاريندو.

هن چيو ته مرد اهو سڀ ڪجهه ٻين جي ناراضگي واري رويي جو فائدو وٺڻ لاءِ ڪندا آهن ته جيئن هو ان رويي تي سخت رد عمل ظاهر ڪن ۽ پوءِ هو ان کي بنياد بڻائي تعلق ختم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪن.

ريشم ان ڳالهه تي به افسوس جو اظهار ڪيو ته بدقسمتي سان اڄڪلهه بي وفائي تمام عام ٿي وئي آهي.

Read Previous

پاڪستان-ڀارت ڇڪتاڻ تي عرفان پٺاڻ جو تبصرو کيس تمام گهڻو مهانگو پئجي ويو

Read Next

مغوين جي بازيابي لاءِ سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان دنگ تي ڌرڻو جاري

Most Popular