مغوين جي بازيابي لاءِ سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان دنگ تي ڌرڻو جاري

نينگر جئي ديپ ڪمار، مکي جگديش ڪمار، ڊاڪٽر منير نائچ، ساگر ڪمار ۽ ٻين جي اغوا خلاف هندو پنچائت جي سڏ تي سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان دنگ تي چوٿين ڏينهن به ڌرڻو جاري آهي، ٽنهي صوبن ڏانهن ٽريفڪ جي اچ وڃ معطل ٿي وئي آهي.

مغوين جي بازيابيءَ لاءِ ڪنڌڪوٽ شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي آهي، شهرين مک چوڪ تي چوٿين ڏينهن به ڌرڻو ۽ علامتي بک هڙتال جاري رکي آهي.

هندو پنچائت جي سڏ تي بخشاپور، ڪرمپور ۽ بڊاڻي ۾ به مغوين جي بازيابيءَ لاءِ شٽربند هڙتال ڪئي وئي آهي.

هندو پنچائت جي اڳواڻن ۽ سياسي سماجي تنظيمن جو چوڻ آهي ته مغوين جي بازيابيءَ تائين احتجاجي تحريڪ جاري رهندي.

Read Previous

ريشم بي وفا مردن جي سڃاڻپ پڌري ڪئي

Read Next

ڊاڪٽر منير نائچ ۽ ساگر ڪمار کي بازياب ڪرائڻ واريون دعوائون ڪوڙيون نڪتيون؟

Most Popular