ٽي مغوي بازياب ٿيڻ باوجود ڪشمور ويجهو سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان دنگ تي ڌرڻو جاري

ڪشمور: 3 مغوي بازياب ٿيڻ باوجود ڪشمور ويجهو سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان دنگ تي ڌرڻو جاري آهي، جنهن سبب ٽنهي صوبن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل آهي.

مظاهرين پاران ساگر ڪمار، پريا ڪماري ۽ ٻين مغوين کي به بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

مغوي ساگر ڪمار جي امڙ ۽ ڀينرن رات ڌرڻي ۾ پهچي ڌرڻو ختم نه ڪرڻ جي اپيل ڪئي، ساگر ڪمار جي امڙ ۽ ڀينرن جون دانهون ٻڌي مظاهرين به پنهنجا لڙڪ نه روڪي سگهيا.

گذريل رات جسقم چيئرمين صنعان قريشي ۽ ايس يو پي اڳواڻ زين شاهه به يڪجهتي طور ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيا.

مظاهرين پاران ايس ايس پي امجد شيخ، پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري ۽ اڳوڻي وفاقي وزير احسان مزاري کي ڌرڻو ختم ڪرڻ کان جواب ڏنو ويو آهي.

هندو پنچائت جي اڳواڻن ۽ سياسي سماجي تنظيمن جو چوڻ آهي ته سمورن مغوين جي بازيابيءَ تائين احتجاجي تحريڪ جاري رهندي، ڌاڙيلن ڪلچر جو خاتموچاهيون ٿا.

Read Previous

ٽيڪ ڪمپنيون روسي پروپيگنڊا کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪام

Read Next

سنڌ ۾ زبردست تحريڪ کانپوءِ بڊاڻي مان اغوا ٿيل جگديش، جئديپ ۽ ڊاڪٽر منير نائچ بازياب

Most Popular