ماضي جي ڳالهه نه ٿو ڪريان، ڏسنداسين جڏهن ڀارت خلاف ميچ ٿيندي: نسيم شاهه

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر نسيم شاهه چيو آهي ته مان ماضي جي ڳالهه نٿو ڪريان، جڏهن ڀارت خلاف ميچ ٿيندي ته ڏسنداسين.

ايشيا ڪپ جي ميچن بابت ميڊيا سان ڳالهائيندي نسيم شاهه چيو ته في الحال توجه سڀاڻي جي ميچ تي آهي، ڪوشش آهي ته ايشيا ڪپ کٽي ۽ ورلڊ ڪپ ۾ به سٺي پرفارم ڪري.

نسيم شاهه چيو ته اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته سٺو کيڏون، فائنل ڪنهن سان به ٿئي، بس دعا آهي ته اسان کٽيون.

هن چيو ته اهي حالتون فاسٽ بالر لاءِ آسان ناهن.

واضح رهي ته ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان جي ميچ سڀاڻي لاهور ۾ کيڏي ويندي.

Read Previous

ايشيا ڪپ: سريلنڪا افغانستان خلاف ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو

Read Next

حريم شاهه جو مڙس جي گهر واپسي تي خوشي جو اظهار مداحن لاءِ وڏو اعلان

Most Popular