آمريڪا، ٽڪ ٽاڪ چيلنج نوجوان شاگرد کان زندگي کسي ورتي

سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽڪ ٽاڪ تي وائرل ’ون چپس چيلنج‘ 14 سالن جي شاگرد جي حياتي کسي ورتي.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪي رياست ميساچوسٽس جي 10 هين ڪلاس جي هاءِ اسڪول جو شاگرد مبينا طور تي جمعي تي پنهنجي ساٿي شاگرد طرفان ڏنل چيلنج کي پورو ڪرڻ دوران حياتي وڃائي ويٺو.

واضح رهي ته ”ون چپس“ نالي چيلنج اڄڪلهه سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽڪ ٽاڪ تي ڪافي وائرل ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ مختلف سوشل ميڊيا متاثر ڪندڙ به حصو بڻجي ويا آهن.

چيلنج دوران آمريڪي مصالحي وارا چپس جنهن کي پڪوئي (pakoi) چيو وڃي ٿو کائڻو پوندو آهي ۽ انهن کي کائڻ کان پوءِ پاڻي سميت ڪو به کاڌو نه کائبو آهي ته جيئن مرچ جي اثر کي گهٽائي سگهجي.

Read Previous

عوام ۽ فوج وچ ۾ قائم رشتي تي وار ڪرڻ جي ڪوشش کي صبر سان ناڪام بنايو ويو: آرمي چيف

Read Next

ايلون مسڪ قتل ٿي سگهي ٿو، پيءُ ارول مسڪ کي خدشو

Most Popular