عوام ۽ فوج وچ ۾ قائم رشتي تي وار ڪرڻ جي ڪوشش کي صبر سان ناڪام بنايو ويو: آرمي چيف

آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪ فوج عوام سان قائم رشتي تي وار ڪرڻ جي ڪوشش کي صبر ۽ سمجهداري سان ناڪام بنائي ڇڏيو.

يوم دفاع جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ آرمي چيف چيو ته يوم دفاع جا شهيد اسان جي قومي ۽ عسڪري تاريخ جو اهم سنگ ميل آهن. اهو ڏينهن اسان کي پنهنجي هٿياربند فوج جي لازوال قربانين کي ياد ڏياريندو آهي. 65ع جي جنگ ۾ هٿياربند فوج دشمن جي جارحيت کي پيشوارانه مهارت سان ناڪام بنائي ڇڏيو. 65ع جي جنگ ۾ قومي اتحاد ۽ يڪجهتي جو عظيم جذبو ڏسڻ ۾ آيو. هن جذبي سان اسان دشمن جي جارحيت کي ناڪام بنائي ڇڏيو.

آرمي چيف چيو ته پاڪ فوج پنهنجي نظم وضبط ۽ اعليٰ پيشوارانه معيار جي بدولت دنيا ۾ نمايان هنڌ رکي ٿي. ايمان، تقوي ۽ جهاد في سبيل الله اسان لاءِ نشان امتياز آهن. پاڪ فوج دشمن جي ڪنهن به جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي لاءِ هر وقت تيار آهي. ملڪ جي دفاع لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا ڏيڻ پاڪ فوج جي هر آفيسر ۽ جوان جو عزم آهي.

هن چيو ته شهيدن جون قربانيون، غازين جا ڪارناما اسان جي لاءِ نه وسارڻ جوڳيون مثالون آهن. شهيدن جي رت سان آزادي جا چراغ روشن ٿيندا آهن. شهيدن جو تقدس ۽ احترام اسان جي اهم ذميواري آهي. پاڪ فوج ۽ عوام وچ ۾ اعتماد اسان جو قيمتي اثاثو آهي. ويجهڙ ۾ ڪجهه عناصرن عوام ۽ فوج وچ ۾ رشتي تي وار ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پاڪ فوج بحيثيت هڪ اداري جي طور تي نهايت ئي صبر ۽ سمجهداري سان ان کي ناڪام بنائي ڇڏيو.

آرمي چيف پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته هٿياربند فوج جنهن بهادري سان دهشتگردي جو مقابلو ڪيو ان جي مثال نٿي ملي. پاڪ فوج عوام جي خواهشن ۽ امنگن جو محور آهي. مضبوط معيشت مضبوط دفاع جي لاءِ ضروري آهي. گڏيل تعاون سان پاڪستان اقتصادي ترقي جي رستي تي گامزن ٿيندو.

Read Previous

يوم دفاع: فوجي قيادت ۽ سياسي اڳواڻن جو شهيدن ۽ جنگي هيروز کي خراج عقيدت پيش

Read Next

آمريڪا، ٽڪ ٽاڪ چيلنج نوجوان شاگرد کان زندگي کسي ورتي

Most Popular