سنڌ جي ناڻي کاتي ۾ پينشن، ايل پي آر سميت سرڪاري مدن ۾100 ارب کان وڌيڪ ڪرپشن جو انڪشاف

سنڌ صوبي جي حيدرآباد، دادو، نوشهروفيروز، ٽنڊوالهيار، جيڪب آباد، گهوٽڪي، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ۽ ٺٽي ضلعي سميت مختلف ضلعن ۾ پينشن، ايل پي آر سميت سرڪاري مدن ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

ان سلسلي ۾ ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب ٽريزري يعني سنڌ حڪومت جي ناڻي واري وزارت ۾ پينشن جي مد ۾ 100 ارب رپين کان وڌيڪ ماليت جي ڪرپشن ٿيڻ جون ثابتيون مليون آهن. گذريل ڏيڍ مهيني کان مٿي ڄاڻايل ضلعن ۾ ڊي جي آڊٽ سنڌ ڪامران هاشمي ۽ اي جي سنڌ جي گڏيل جاچ ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن اندر 100 ارب رپين کان وڌيڪ ڪرپشن ٿيڻ جون شاهديون ملڻ تي جاچ هلندڙ آهي.

ذريعن موجب ڪجهه ڏينهن اڳ ڊي جي آڊٽ سنڌ ڪامران هاشمي سنڌ جي سمورن ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسرن ۽ ٻين آفيسرن سان اي جي سنڌ ڪراچي ۽ ناڻي کاتي جي عملدارن سان گڏجي گڏجاڻي ڪئي جنهن ۾ سي جي اي (ڪنٽرولر جنرل آف اڪائونٽس) جي پينشن بابت هڪ رپورٽ ۽ جامع انڪوائري رکي وئي جنهن ۾ پينشن ۾ ڪيل اربين رپين جي ڪرپشن جا دستاويزي ثبوت به رکيا ويا هئا. ذريعن موجب حيدرآباد ۾ انڪوائري ٽيم جي اڳواڻي اي جي سنڌ جو آفيسر حبيب الرحمان ڪري رهيو آهي جڏهن ته حيدرآباد ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيس جو اي جي اي او II طارق سهتو ان ڪم ۾ سندس سهڪار ڪري رهيو آهي

ذريعن موجب ڪجهه مهينا اڳ سنڌ جي خزاني واري وزارت ٽريزري جي ڪجهه آفيسرن کي ڪرپشن جي شڪايتن تي معطل ڪيو ويو هو جن ۾ گهوٽڪي جو 17هين گريڊ جو اڪائونٽنٽ فياض سولنگي، سانگهڙ جو 17هين گريڊ جو اڪائونٽنٽ غلام رسول بيهڻ، سانگهڙ جو سينيئر ڪمپيوٽر آپريٽر امير بخش بوزدار، بدين جو اسسٽنٽ اڪائونٽنٽ شاهنواز ٻوڪ، حيدرآباد جو سب اڪائونٽنٽ محمد عرفان سولنگي، دادو جو سب اڪائونٽنٽ غلام سرور پنهور، دادو جو سب اڪائونٽنٽ علي محمد ميمڻ، نوشهروفيروز جو سب اڪائونٽنٽ انور علي هاليپوٽو، قمبر شهدادڪوٽ جو سب اڪائونٽنٽ عبدالمجيد خان، ٺٽي جو سب اڪائونٽنٽ اشفاق احمد پنهور، عمرڪوٽ جو سب اڪائونٽنٽ زوهيب حسن بوزدار، سانگهڙ جو سب اڪائونٽنٽ محبوب علي ملاح ۽ حيدرآباد جو سب اڪائونٽنٽ مجاهد علي ٽانوري شامل آهن

ذريعن موجب انهن معطل ٿيل آفيسرن مان اڪثر ماڻهن کي اڳوڻي حڪومت ٻيهر بحال ڪري ڇڏيو جن ۾ مجاهد ٽانوري، فياض سولنگي سميت ٻيا شامل هئا جڏهن ته ڪرپشن جي الزام هيٺ آيل امام علي شاهه، مخدوم ڪليم، عامر قائمخاني اڃا تائين پنهنجي سيٽن تي برجمان ٿي مزا ماڻي رهيا آهن

ذريعن موجب امام علي شاهه تي دادو ٽريزري ۾ به ڪرپشن جا الزام آهن ۽ مجاهد ٽانوري تي وري نوشهروفيروز ۾ ڪرپشن جا الزام آهن ۽ هو 10 سالن جي نوڪري ۾ ڪرپشن جي الزام تحت 4 ڀيرا معطل ٿي چڪو آهي

ذريعن موجب ڏيڍ مهينو اڳ جڏهن انڪوائري شروع ٿي هئي ته ڪرپشن جو ڪاٿو 10 کان 5 ارب رپيا لڳايو ويو هو پر سي جي اي جي پينشن بابت جامع رپورٽ اچڻ کانپوءِ اهو ڪاٿو 100 ارب رپين تائين پهچڻ جو امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊي جي آڊٽ سنڌ ڪامران هاشمي کي ڄاڻايل جاچ تي اڳوڻي سنڌ حڪومت هٽائي ڇڏيو هو پر نگران حڪومت اچڻ کانپوءِ هو ٻيهر پنهنجي عهدي تي مقرر ٿي ويو آهي ۽ جاچ تيز ڪري ملوث عملدارن جي ڳولا ڪري رهيو آهي

Read Previous

صدر جي 5 سالن واري عهدي جو مدو اڄ پورو: عارف علوي ايوان صدر خالي نه ڪندو: ذريعا

Read Next

آڊيو ليڪس ڪميشن ڪيس: پي ڊي ايم حڪومت جي عدالتي بئنچ تي اعتراض رد

Most Popular