شاهين آفريدي ايشيا ڪپ ختم ٿيڻ کان پوءِ جلد ڪنوار کي گهر آڻيندو

سوشل ميڊيا ذريعن کان خبر سامهون آئي آهي ته ڪرڪيٽر شاهين شاهه آفريدي ايشيا ڪپ ختم ٿيڻ کان فوري پوءِ پنهنجي ڪنوار کي گهر آڻيندو.

ڪرڪيٽر شاهين شاهه آفريدي ۽ اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جي ڌيءَ انشا آفريدي هلندڙ سال 3 فيبروري تي ڪراچي ۾ شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي.

هاڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ خبرن ۽ شادي جي ڪارڊن موجب قومي ٽيم جو فاسٽ بالر شاهين آفريدي هلندڙ مهيني 19 سيپٽمبر تي پنهنجي گهرواري انشا آفريدي سان شادي ڪندو ۽ کيس گهر وٺي ويندو.

اها خبر نه رڳو پاڪستان پر ڀارت ۾ به باهه وانگر پکڙجي وئي آهي.

سوشل ميڊيا تي وائرل رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته شاهين ۽ انشا جي شادي ايشيا ڪپ کانپوءِ 19 سيپٽمبر تي ٿيندي، جڏهن ته وليم 21 سيپٽمبر تي اسلام آباد ۾ ٿيندي.

واضح رهي ته ايشيا ڪپ 2023ع ۾ پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ کيڏيو ويندڙ ميچ 17 سيپٽمبر تي ختم ٿي ويندي.

Read Previous

ماهرا خان جي شادي سبب فلم جي شوٽنگ شيڊيول ۾ تبديلي ڪندس، همايون سعيد

Read Next

پاڪ-ڀارت ميچ جي حوالي سان پي سي بي جي ڪوششن رنگ لاتو

Most Popular