ماهرا خان جي شادي سبب فلم جي شوٽنگ شيڊيول ۾ تبديلي ڪندس، همايون سعيد

مشهور پاڪستاني اداڪار، هدايتڪار ۽ پروڊيوسر همايون سعيد چيو آهي ته هو اداڪارا ماهره خان جي شادي سبب فلم جي شوٽنگ شيڊيول ۾ تبديلي ڪندو.

اداڪار همايون سعيد ”جنگ“ سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو آهي ته سوشل ميڊيا سبب منهنجي زندگي ۾ ڪا تبديلي نه آئي آهي، سوشل ميڊيا مون سان مسئلو ٿي سگهي ٿي ڇو ته مان سوشل ميڊيا تي گهٽ ۽ ڪم تي وڌيڪ ڌيان ڏيندو آهيان.

هن چيو آهي ته ماهرا خان جي شادي سبب پنهنجي فلم جو شيڊول تبديل ڪندس، هوءَ منهنجي ايندڙ فلم جي هيروئن آهي، جيڪا به ڇوڪري مون سان فلم يا ڊرامي ۾ ڪم ڪندي اها سپر اسٽار بڻجي وڃي ٿي.

انٽرويو دوران هن وڌيڪ چيو ته هو سجل علي ۽ يمنا زيدي سان گڏ ڊرامن ۾ مرڪزي ڪردار پڻ ڪري رهيو آهي.

Read Previous

اداڪاره فرح نديم سڄي زندگي ڪهڙو ڏک ستائيندو رهندو؟

Read Next

شاهين آفريدي ايشيا ڪپ ختم ٿيڻ کان پوءِ جلد ڪنوار کي گهر آڻيندو

Most Popular