ايشيا ڪپ: بنگلاديش ٽاس کٽي سريلنڪا خلاف فيلڊنگ جو فيصلو ڪري ورتو

ايشيا ڪپ جي سپر فور مرحلي جي ٻئين ميچ ۾ بنگلاديش ٽاس کٽي سريلنڪا خلاف پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو.

ڪولمبو ۾ ٽاس جي موقعي تي ڳالهائيندي سريلنڪن ڪپتان ڊوسن شناڪا چيو ته اسان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندا هئاسين، پچ بيٽنگ لاءِ سٺي آهي ۽ بال رات جو سوئنگ ٿئي ٿو.

هن چيو ته ٽيم ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي، هو ڪاميابيون ماڻيندا رهندا.

ان موقعي تي بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شڪيب الحسن جو چوڻ هو ته ميچ کٽڻ ضروري آهي، ٽيم ۾ اڄ هڪ اضافي بالر جو اضافو ڪيو ويو آهي، عفيف حسين جي بدران نسيم احمد کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. .

ياد رهي ته سپر فور مرحلي جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان بنگلاديش کي آساني سان شڪست ڏني هئي.

Read Previous

بابر هڪ ورلڊ ڪلاس رانديگر آهي جنهن جي اسان تعريف ڪريون ٿا، ڀارتي ڪرڪيٽر شبمن گل

Read Next

پي ٽي آءِ اڳواڻ عثمان ڊار ڪراچي مان گرفتار، نامعلوم هنڌ منتقل

Most Popular