پي ٽي آءِ اڳواڻ عثمان ڊار ڪراچي مان گرفتار، نامعلوم هنڌ منتقل

پي ٽي آءِ اڳواڻ عثمان ڊار کي ڪراچي جي علائقي ڊفينس مان گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ تي منتقل ڪيو ويو آهي.

ايس ايس پي ملير عثمان ڊار جي گرفتاري کان لاعلمي جو اظهار ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن عثمان عثمان ڊار جي والده وڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته پٽ کي اغوا ڪيو ويو آهي جنهن اغوا ڪيو انهن کي خبر نه آهي ته اهي ڪير هئا.

هن چيو ته مان چاهيان ٿي ته پٽ کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ته جيئن هو الزامن جو دفاع ڪري سگهي، منهنجي عمر کي ڏسندي منهنجي اپيل کي ٻڌو وڃي.

ٻئي طرف پي ٽي آءِ ترجمان چيو آهي ته سادن ڪپڙن ۾ ملوث اهلڪار عثمان ڊار کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ تي کڻي ويا آهن کيس بازياب ڪرائي فوري طور تي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

Read Previous

ايشيا ڪپ: بنگلاديش ٽاس کٽي سريلنڪا خلاف فيلڊنگ جو فيصلو ڪري ورتو

Read Next

ايراني تيل جي ڪاروبار ۽ اسمگلنگ ۾ ڪير ملوث آهن؟ ڳجهي اداري جي رپورٽ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف

Most Popular