ڊالر جي اسمگلنگ خلاف سڄي ملڪ ۾ ڪريڪ ڊائون جاري، ڪيترائي گرفتار

ڊالر جي وڌندڙ قيمت ۽ پاڪستاني روپئي جي بي قدري کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت جي هدايتن تي ايف آءِ اي ڪرنسي ايڪسچينج جو غيرقانوني ڪاروبار ڪندڙن سميت ڊالر ذخيرو ڪري مصنوعي کوٽ پيدا ڪندڙن جو گهيرو وڌيڪ تنگ ڪري ڇڏيو آهي.

اختيارين موجب هلندڙ سال جنوري کان هينئر تائين ايف آءِ اي ڪرنسي جي غير قانوني ڪاروبار ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف ڪريڪ ڊائون دوران سڄي ملڪ ۾ گڏيل طور تي 257 ڇاپا هڻي 381 جوابدارن کي گرفتار ڪيو. جڏهن ته ڪرنسي ايڪسچينج جو غيرقانوني ڪاروبار ڪندڙ جوابدارن خلاف 250 ڪيس داخل ڪيا ويا.

ڪريڪ ڊائون دوران هلندڙ سال جنوري کان هينئر تائين گڏيل طور تي 4 لک 78 هزار 620 آمريڪي ڊالر هٿ ڪيا ويا جڏهن ته ڇاپن دوران 177 ملين روپين جي ٻئي ڪرنسي به هٿ ڪئي وئي. جنوري کان جاري ڪريڪ ڊائون دوران گڏيل طور تي 3 بلين روپين کان وڌيڪ جي پرڏيهي ڪرنسي هٿ آئي.

Read Previous

ايراني تيل جي ڪاروبار ۽ اسمگلنگ ۾ ڪير ملوث آهن؟ ڳجهي اداري جي رپورٽ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف

Read Next

ڄامشورو: تعليمي سال 2023 ۽ 2024 ۾ داخلا لاءِ پري انٽري ٽيسٽ ورتي وئي

Most Popular