ايراني تيل جي اسمگلنگ ۾ 29 سياستدان، 90سرڪاري آفيسر ۽ 955 پيٽرول پمپ ملوث، پي ايس او گاڏين جو به استعمال

ملڪ اندر ايراني تيل اسمگلنگ بابت ڇرڪائيندڙ رپورٽ ظاهر، 29 سياستدان ۽ 955 پيٽرول پمپ ايراني تيل جو ڪاروبار ڪن ٿا، پي ايس او به ملوث، هر سال 2 ارب 81 ڪروڙ لٽر تيل اسمگل ٿي اچي ٿو

تفصيل موجب ملڪ اندر ايراني تيل جي اسمنگلنگ جي ڪاروبار بابت اهم رپورٽ سامهون اچي وئي آھي سول حساس اداري پاران وزير اعظم هائوس ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ انڪشاف ڪندي چيو ويو آھي ته ايراني تيل جي ملڪ اندر اسمنگلنگ ۾ سرڪاري آفيسر، ڊيلرن سان گڏ سياستدان به ملوث آھن جن جا به رپورٽ ۾ تفصيل شامل ڪيا ويا آھن

ايران کان پاڪستان ۾ هرسال 2 ارب ، 81 ڪروڙ ليٽر تيل اسمنگلنگ ٿي اچي ٿيو ان اسمنگلنگ ٿي ايندڙ تيل سبب پاڪستان کي هرسال 60 ارب روپين کان وڌيڪ ماليت جو نقصان ٿئي ٿو اهو به انڪشاف ڪيو ويو آھي ته ايراني تيل جي اسمنگلنگ مان ٿيندڙ آمدني دهشتگرد به استعمال ڪن ٿا رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي ته پاڪ ايران باڊر جي علائقن ۾ 76 ڊيلر ايراني تيل جي اسمنگلنگ ۾ ملوث آھن جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ 995 پيٽرول پمپ ايراني تيل جي وڪري جو ڪاروبار ڪن ٿا ايراني تيل جي اسمنگلنگ جي ڪاروبار ۾ 90 کان وڌيڪ سرڪاري اهلڪار ملوث آھن جڏهن ته 29 سياستدان به ان ايراني تيل جي ڪاروبار ۾ ملوث آھن

ايراني تيل جي ملڪ اندر ٽرانسپوٽيشن ۾ پي ايس او جون گاڏيون به ملوث آھن، ايراني تيل ايراني گاڏين ۾ اسمنگلنگ ٿي اچي ٿو جن گاڏين کي زم ياد چيو وڃي ٿو، ان کان اڳ اها رپورٽ سامهون آئي هئي ته تيل ايراني بارڊر کان لاڳاپيل علائقن رکهني، لورالائي، ميختر ۽ بوانا ڏانهن اسمگلنگ ٿيندو آهي جتان کان ٽرڪ ۽ ٽينڪر سخي سرور چيڪ پوسٽ ڊي جي خان ۾ گڏ ٿيندا آهن

جنهن کان پوءِ تيل جي سپلاءِ سڄي ملڪ ۾ ڪئي ويندي آهي. بارڊر ملٽري پوليس جا اهلڪار 100 کان 150 ٽرڪن جي قافلي کان ڏيڍ کان 2 ڪروڙ رپيا وصول ڪندا آهن. هڪ ٽينڪر ۾ 8 کان 10 هزار ليٽر تيل موجود هوندو آهي. موٽر وي تي چيڪنگ نه ٿيڻ سبب اسمگلنگ جو رستو آسان ٿي ويندو آهي. واضح رهي ته نگران وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن سان گڏجي سڄي ملڪ ۾ ڊالر ۽ ٻين شين جي اسگلنگ، ذخيره اندوزي خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪري رکيو آهي

Read Previous

ڊکڻ ويجهو فوت ڄاڻايل عورت کي پٽ طرفان شادي نه ڪرائڻ تي قتل جو انڪشاف

Read Next

مودي جي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات

Most Popular