مودي جي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات

ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي نئين دهلي ۾ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي.

ڀارتي ميڊيا موجب ملاقات جي ايجنڊا ۾ ٻه طرفي تعاون جي وسيع شعبن جا معاملا شامل هئا.

ڀارتي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته ايجنڊا ۾ توانائي، واپار، سيڙپڪاري، دفاع، سيڪيورٽي ۽ ٻيا معاملا شامل آهن.

واضح رهي ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي 20 اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ڀارت جو دورو ڪيو آهي.

ڀارت جي راڄڌاني نئين دهلي ۾ ٻن ڏينهن وارو جي 20 اجلاس پڄاڻي تي پهتو آهي ۽ 2024 لاءِ جي 20 اجلاس جي صدارت برازيل کي ڏني وئي آهي.

Read Previous

ايراني تيل جي اسمگلنگ ۾ 29 سياستدان، 90سرڪاري آفيسر ۽ 955 پيٽرول پمپ ملوث، پي ايس او گاڏين جو به استعمال

Read Next

اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪم جونگ اُن جي روسي دوري جو امڪان

Most Popular