جيڪڏهن شوبز انڊسٽري جو حصو نه هجان ها ته ڊانسر هجان ها،اداڪاره فريال

ممبئي: پاڪستاني اداڪارا فريال محمود چيو آهي ته جيڪڏهن هوءَ شوبز انڊسٽري جو حصو نه هجي ها ته ڊانسر هجي ها ۽ جيڪڏهن ڊانسر به نه هجي ها ته ضرور چور هجي ها

تازو ئي فريال نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ اداڪارا ٻڌايو ته جلد سندس ٻه فلمون رليز ٿيڻ واريون آهن جيڪي پرڏيهه ۽ پوءِ پاڪستان جي سينيما گھرن ۾ رليز ٿينديون.شو دوران اداڪارا ٻڌايو ته سندس فيملي جو واسطو شوبز سان هو ان ڪري هوءَ شروع کان ئي اهو سوچيندي هئي ته هوءَ انڊسٽري ۾ ويندي ۽ پنهنجو ڪيريئر بڻائيندي

فريال محمود ٻڌايو ته منهنجي ماءُ اداڪارا سان گڏ گلوڪارا به هئي ۽ منهنجو نالو ميوزڪ ڊائريڪٽر هو.اداڪارا اهو انڪشاف به ڪوي ته 12هين جماعت کان اڳ کيس مختلف اسڪولن مان ڪڍيو ويو هو جنهن جو سبب هن ٻڌائيندي چيو ته مون کي اسڪول مان ان ڪري ڪڍيو ويندو هو ڇو جو آئون ماڻهن کي گھڻو ماريندي هيس، هڪ اسڪول ۾ آئون ڇوڪريءَ جون پاسيريون ڀڃي ڇڏيون هيون

Read Previous

ايشيا ڪپ: ڀارت سريلنڪا خلاف ميچ ۾ ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪري ورتو

Read Next

سوشل ميڊيا تي ڪنهن کي به ڪجهه به چئي سگهجي ٿو، بشرا انصاري

Most Popular