ايشيا ڪپ: ڀارت سريلنڪا خلاف ميچ ۾ ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪري ورتو

ايشيا ڪپ سپر فور مرحلي جي ميچ ۾ ڀارت ٽاس کٽي سريلنڪا جي خلاف ميچ ۾ پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ٽاس کان پوءِ ڳالهيون ڪندي ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان روهيت شرما چيو ته لاڳيتو ٽئين ڏينهن کيڏڻ هڪ چيلينج آهي. ان موقعي تي سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان داسن شنا چيو ته اسان جيڪڏهن ٽاس کٽيون ها ته پهريان بيٽنگ ئي ڪريون ها. ٽيم جا نوجوان رانديگر هاڻ سينئر بڻجي چڪا آهن.

ڪولمبو ۾ کيڏجندڙ اهو ميچ انتهائي اهم آهي. پوائنٽس ٽيبل ۾ هن وقت ڀارت پهرين، سريلنڪا ٻئين، جڏهن ته پاڪستان ٽئين نمبر تي آهي.

ڀارت اڄوڪو ميچ کٽڻ کان پوءِ ايشيا ڪپ جي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ويندو. جيڪڏهن سريلنڪا اهو ميچ کٽي ٿو ته ان کي فائنل ۾ پهچڻ جي لاءِ صرف پاڪستان کي شڪست ڏيڻي پوندي ڇو ته ان جو رن ريٽ پاڪستان کان بهتر هوندو.

جيڪڏهن پاڪستان سريلنڪا کي ميچ دوران وڏين رنسن تان شڪست ڏني ته فائنل ۾ پهچڻ جو فيصلو رن ريٽ جي حساب سان ڪيو ويندو.

Read Previous

9 مئي سانحو: 14 ڪيسن جي جاچ مڪمل، عمران خان 10 ڪيسز ۾ ڏوهاري قرار

Read Next

جيڪڏهن شوبز انڊسٽري جو حصو نه هجان ها ته ڊانسر هجان ها،اداڪاره فريال

Most Popular