چونڊون تڪ بندين کان پوءِ فيبروري ۾ ٿينديون، مقررين ۽ بدلين بابت پ پ جو اعتراض اجايو آهي: راڻا ثناءُالله

راڻا ثناءُ الله

مسلم ليگ(ن) جي سينئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي گهرو وزير راڻا ثناءُالله فيبروري جي پهرين هفتي ۾ چونڊن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته فيبروري جي پهرين هفتي ۾ چونڊون ٿينديون، تڪ بندين کان پوءِ ئي چونڊون ممڪن ٿي سگهن ٿيون.

هن چيو ته تڪ بندين جو عمل شروع ٿيڻ کان پوِءِ صدر چونڊن جي تاريخ جو اعلان نٿو ڪري سگهي. چونڊن کان اڳ مقررين ۽ بدلين بابت پ پ جو اعتراض اجايو آهي، پ پ جو چونڊن کان اڳ بدلين ۽ مقررين جو بيانيو ٺهي نٿو.

اڳوڻي گهر وزير چيو ته آئين موجب چونڊون جنوري جي آخري هفتي يا فيبروري جي پهرين هفتي ۾ ٿينديون، تڪ بندين جو عمل 30 نومبر تي مڪمل ٿي رهيو آهي ان کان پوءِ چونڊون يقيني آهن. راڻا ثناءُالله چيو ته قانوني راءِ موجب نوازشريف جي نااهلي ختم ٿي چڪي آهي، جيستائين ان جي سزا جو تعلق آهي ته نوازشريف جي خلاف داخل ڪيل ڪيس ڪمزور آهي، نوازشريف پنهنجي سزا جي خلاف نظرثاني اپيل داخل ڪندو جنهن کان پوءِ هو بري ٿي ويندو.

Read Previous

اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي چونڊ ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو

Read Next

بجلي بلن ۾ رليف تي اڳڀرائي نه ٿي سگهي، آءِ ايم ايف صنعتن کان مراعتون واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

Most Popular