ڌاڙيلن ۽ سندن سھولتڪارن خلاف آپريشن ڪري پريا ڪماري سميت سمورن مغوين کي بازياب ڪرايو ويندو: عمر سومرو

ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۽ پڪي وارن علائقن ۾ ڏوھارين خلاف آپريشن ڪيو ويندو، ضلعي ۾ پوليس نفري 3 کان 4 سئو وڌائي ويندي جديد ھٿيار به پوليس کي ڏنا ويندا. بدامني سبب واپاري ۽ عام شھري غير محفوظ آهن ضلعي جي ھر طبقي جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن جا سرپرست سردار آهن جيڪڏهن ڪو به سردار ڏوھارين سان ملوث ھوندو ته ان سردار خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

ڪنڌڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي قانون واري نگران صوبائي وزير عمر سومرو چيو ته ڌاڙيلن ۽ انهن جي سرپرست سھولتڪارن خلاف گرينڊ آپريشن شروع ڪيو ويندو جنهن جي حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي. خاص ڪري شڪارپور، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ضلعن ۾ وڏي وزير جي خاص ھدايتن تحت ڪنڌڪوٽ پھچي امن امان جي صورتحال بابت گڏجاڻي ڪري ٽارگيٽ تيار ڪيا آهن، صوبائي وزير چيو ته في الحال ڪچي ۾ آپريشن نٿو ڪري سگھجي ڇاڪاڻ ته درياهه ۾ پاڻي اچي ويو آهي. ايس ايس پي روحيل کوسو يقين ڏياريو آهي ته امن امان قائم ڪرايو ويندو ۽ پريا ڪماري، ساگر ڪمار سميت سمورا مغوي بازياب ڪرايا ويندا، پوليس جون سموريون ضرورتون پوريون ڪيون وينديون ھن چيو ته پوليس جي ڊمانڊ وڏي وزير آڏو رکندس. اقليتي برادري ۽ عام شھري کي ھر طرح جو تحفظ فراھم ڪيو ويندو ڪنهن به سردار جو پوليس مٿان ڪو به دٻاء نه ھلندو پوليس بااختيار ٿي ڪري ڪم ڪندي.

صوبائي وزير چيو ته نگران حڪومت جو سڀ کان وڏو ٽارگيٽ سنڌ ۾ امن امان قائم ڪرڻ آهي لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزن ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ھر ھفتي دورو ڪيو ويندو، صوبائي وزير گذريل ڏينهن ڪشمور ۾ جلوس جي صورت ۾ ھٿيار کڻي نمائش ڪندي ڪچي ويندڙ ماڻهن واري سوال تي چيو ته ھٿيار کڻي نمائش ڪرڻ وارا قانون کان مٿي نه آهن انهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ـ ھن وڌيڪ چيو ته شھيد صحافي جان محمد مھر جا قاتل ڪچي ۾ لڪيل آهن پاڻي جي ڪري ڏکيائون پيش اچن پيون قاتلن جي گرفتاري لاء ڪوششون جاري آهن، صوبائي وزير چيو ته اليڪشن جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ ھليو ويو آهي جيڪو فيصلو ٿيندو انهيَ تي عمل ڪيو ويندو.

Read Previous

بجلي بلن ۾ رليف تي اڳڀرائي نه ٿي سگهي، آءِ ايم ايف صنعتن کان مراعتون واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

Read Next

ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني تي ضابطو نه آيو: ڦر دوران مزاحمت تي روڊس کاتي جو ڪلارڪ قتل

Most Popular