سيف علي خان پنهنجي وڏي پٽ جو نالو ”تيمور“ ڇو رکيو؟ ڪرينا چيو

بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ڪرينا ڪپور خان پنهنجي وڏي پٽ جو نالو ”تيمور“ رکڻ جو اصل سبب ٻڌائي ڇڏيو.

سيف علي خان ۽ ڪرينا ڪپور خان کي پنهنجي پٽن جي نالن تي ڀارت ۾ هندو انتها پسندن طرفان سخت تنقيد جو منهن ڏسڻو پيو، جيڪو اڄ به جاري آهي.

ڪرينا ڪپور خان تازو ئي هڪ انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو ته سيف جي ننڍپڻ جي دوستن مان هڪ جو نالو تيمور هو ۽ هو هميشه اهو نالو ايترو پسند ڪندو رهيو آهي جو هن پهريان ئي سوچيو هو ته جيڪڏهن کيس پٽ هوندو ته سندس نالو ’تيمور‘ هوندو، مطلب ’اسٽيل‘.

هن چيو ته منهنجي خواهش هئي ته جيڪڏهن مون کي پٽ ٿئي ته هو ڏاڍو بهادر ۽ مضبوط ارادو رکندڙ هجي، ان ڪري پٽ جو نالو ”تيمور“ رکيوسين.

ڪرينا ڪپور خان چيو ته مان نه ٿو سمجهان ته ڪنهن ماءُ يا ڪنهن ٻار کي اهڙي صورتحال مان گذرڻو پوندو جنهن مان اسان گذريا آهيون، مون کي اڃا تائين سمجهه ۾ نٿو اچي ته اسان تي تنقيد جو سبب ڇا آهي. ڇو ته اسان جو مقصد ڪنهن کي به تڪليف ڏيڻ ناهي.

هن چيو ته مان سمجهان ٿو ته اسان سڀ آزاد آهيون ۽ جيڪو ڪجهه ڪرڻ چاهيون ٿا آزاديءَ سان ڪري سگهون ٿا ۽ گهٽ ۾ گهٽ سيف ۽ مان ٻئي ان ڳالهه تي پختو يقين رکون ٿا.

Read Previous

ريا ڪپور مون کي هميشه لاءِ بدلائي ڇڏيو، شهناز گل

Read Next

انصاف واري آمريڪي کاتي پاران گوگل تي دوکي بازي جو الزام

Most Popular