حيدرآباد ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اکين جي بيماري جا ڪيس وڌي ويا، سوين مريض اسپتال پهچڻ لڳا

حيدرآباد سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اکين جي بيماري واري وبا تيزي سان پکڙجي رهي آهي جنهن سبب روزانه سوين مريض اسپتال پهچي رهيا آهن.

اکين جي بيماري واري وبا ڪراچي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي متاثر ڪرڻ کان پوءِ حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۽ ڳوٺن جو رخ ڪري ورتو آهي. ڪجهه ڏينهن ۾ اکين جي مريضن جي انگ ۾ تيزي سان اضافو ٿي ويو آهي.

سنڌ انسٽيٽيوٽ آف اپتهمالوجي ويزول سائنسز جي ماهر ڊاڪٽر چيو آهي ته اکين جي وبا جو مرض تيزي سان پکڙجي رهيو آهي جيڪو ڪراچي کان پوءِ هاڻ سنڌ جي ٻين شهرن تائين پهچي ويو آهي. ڊاڪٽر موجب اکين جي مريضن ۾ بيڪٽيريا جا جراثيم ڏٺا ويا آهن. جڏهن ته ٻين بيمارين ۾ ورتل مريضن مان ڪيترن ئي مريضن ۾ به اکين جي بيماري ڏٺي وئي.

اکين جي ماهر ڊاڪٽر موجب اکين جي انفيڪشن کان بچڻ جي لاءِ احتياطي تدبيرون اختيار ڪيون وڃن جنهن ۾ هٿن کي ڌوئڻ، ڪارو چشمو پائڻ، پنهنجو وهاڻو ۽ ٽوال ڌار ڪرڻ شامل آهن.

Read Previous

ڊالر ذخيرو ڪندڙن خلاف وڏي ڪارروائي جو فيصلو، گهرن تي ڇاپا هڻڻ جون تياريون

Read Next

ملڪ ۾ رجسٽرڊ ووٽرز جو انگ ڪيترو آهي؟ اليڪشن ڪميشن انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا

Most Popular