ڊالر ذخيرو ڪندڙن خلاف وڏي ڪارروائي جو فيصلو، گهرن تي ڇاپا هڻڻ جون تياريون

ڳجهن ادارن ڊالر ذخيرو ڪندڙ مافيا جي گهرن تي ايف آءِ اي جي مدد سان ڇاپا هڻڻ جي تياري ڪري ورتي آهي.

سيڪيورٽي ذريعن موجب ڊالر جي ذخيري اندوزي خلاف ڪريڪ ڊائون جو ٻيو مرحلو شروع ڪيو پيو وڃي. جنهن ۾ ذخيرو ڪيل ڊالرز جي برآمد جي لاءِ ايف آءِ اي ۽ ڳجهن ادارن طرفان هاڻ گهرن تي ڇاپا هنيا ويندا. ذريعن موجب ايڪسچينج ڪمپنيز مان حاصل ڊيٽا جي مدد سان سڄي ملڪ ۾ آپريشن ڪيو ويندو.

ذريعن ٻڌايو آهي ته ڳجهن ادارن کي ڪريڪ ڊائون کان پوءِ مافياز جي گهرن ۾ ڊالر ذخيرو ڪرڻ جون رپورٽون مليون آهن. ڳجهن ادارن ڊالر وٺندڙ ماڻهن جون رپورٽون حاصل ڪري ورتيون آهن. ذريعن موجب ايف آءِ اي ۽ ڳجها ادارا گهرن تي ٽارگيٽيڊ ڇاپا مار ڪارروائي ڪندا جنهن کان پوءِ گهرن ۾ ڊالر لڪائيندڙن جي گرفتاري ۽ جيل ۾ قيد ڪرڻ جون سزائون ڏنيون وينديون.

ياد رهي ته ڊالر مافيا خلاف جاري ڪريڪ ڊائون کان هينئر تائين ڊالر 31 روپيه سستو ٿي چڪو آهي. پهرين سيپٽمبر تي ڊالر 328 روپين جي بلند ترين سطح تي بند ٿيو هو. جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ وڏي لاٿ آهي جنهن کان پوءِ ڊالر 300 کان گهٽ ٿي ويو آهي.

Read Previous

ڪينيڊا ۾ سک اڳواڻ جي قتل ۾ ڀارت ملوث آهي: ڪينيڊين وزيراعظم

Read Next

حيدرآباد ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اکين جي بيماري جا ڪيس وڌي ويا، سوين مريض اسپتال پهچڻ لڳا

Most Popular