اينٽي ڪرپشن خاور فريد مانيڪا کي گرفتار ڪري ورتو

اينٽي ڪرپشن خاور فريد مانيڪا کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اينٽي ڪرپشن جي ترجمان خاور فريد مانيڪا جي گرفتاري جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته خاور مانيڪا کي سرڪاري زمين تي ناجائز تعميرات جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

ترجمان موجب خاور مانيڪا تي قبرستان جي جڳهه تي غيرقانوني شادي هال تعمير ڪرڻ جو الزام آهي ۽ ان جي خلاف ڊپٽي ڪمشنر جي ريفرنس تي انڪوائري ڪري رهيا آهيون.

ذريعن موجب خاور مانيڪا ملڪ مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو جنهن کان پوءِ کيس ايئرپورٽ جي ويجهو گرفتار ڪيو ويو آهي.

Read Previous

سي پيڪ تي هن وقت تائين 26 ارب ڊالر خرچ ڪري چڪا آهيون: چيني قونصل جنرل

Read Next

ذهن مان اها سوچ ڪڍي ڇڏيو: سپريم ڪورٽ مان هاڻ تاريخ وٺڻ جو رجحان نه هلندو: چيف جسٽس

Most Popular