سي پيڪ تي هن وقت تائين 26 ارب ڊالر خرچ ڪري چڪا آهيون: چيني قونصل جنرل

لاهور ۾ چين جي وقتي قونصل جنرل مسٽر ڪانوڪي چيو آهي ته پاڪ چين دوستي هماليه کان ڊگهي ۽ سمنڊ کان گهري آهي. چين پاڪستان ۾ سي پيڪ منصوبي تي هن وقت تائين 26 ارب ڊالر خرچ ڪري چڪو آهي.

پاڪستان جي ترقي ۾ چين هر ممڪن تعاون ڪندو ۽ پاڪستان کي علاقائي سفارتڪاري ۾ سڀني کان وڌيڪ اهميت ڏئي ٿو. چين ۽ پاڪستان سي پيڪ منصوبي جي تعمير لاءِ دوستي، تعاون، اسٽريٽجڪ، هم آهنگي ۽ گهري مضبوط لاڳاپن جو جهنڊو هميشه بلند رکندو.

اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ چين جي آزادي جي 75هين سالگره جي تقريب جي موقعي تي خطاب دوران ڪيو. وڏي وزير، پنجاب جي گورنر، خورشيد محمود قصوري، نگران وزيرن عامر مير، ڊاڪٽر جاويد اڪرم لاهور ۾ آمريڪي قونصل جنرل ڪرستن باڪنز، ايراني قونصل جنرل مهران موحدفر ۽ ترڪي جي قونصل جنرل درمس بستوگ ۽ پاڪ چائنه ٿنڪ ٽينڪ آءِ آءِ آر ايم جي چيئرمين محمد مهدي، صنعتڪارن، ڪاورباري برادري سان تعلق رکندڙ اهم واپارين سميت پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني ڪمپنين جي اعليٰ عهديدارن ۽ انجنيئرز وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

وقتي چيني قونصل جنرل مسٽر ڪي ڪائوني چيو ته 2023 جي پهرين ڇهن مهينن دوران چين جي معاشي گروٿ 5.5 سيڪڙو رهي جيڪا دنيا جي وڏي معيشتن مان سڀني کان مٿي آهي چين پنهنجي ترقي جي بنياد تي دنيا کي ترقي جا نوان موقعا ڏنا.

نائب صدر في فنگ پاڪستان جي دوري دوران شهباز شريف حڪومت سان پاڪستان جي معاشي ترقي لاءِ ڇهه اهم معاهدا ڪيا. هن چيو ته پنجاب صوبو پاڪستان جو ثقافتي، معاشي ۽ تعليمي مرڪز آهي.

Read Previous

ڪراچي مان گم ڄاڻايل ماءُ ۽ پٽ جا کوهه مان لاش هٿ

Read Next

اينٽي ڪرپشن خاور فريد مانيڪا کي گرفتار ڪري ورتو

Most Popular