ڪراچي جا ايس ايس پيز ۽ ڊي آءِ جيز بي اختيار: ايس ايچ اوز بدلي جا اختيار به ايڊيشنل آءِ جي حوالي

ڪراچي پوليس ۾ اختيارن جي جنگ، ڪراچي پوليس چيف ايس ايس پيز ۽ ڊي آءِ جيز کان ايس ايچ اوز مقرر ڪرڻ توڙي هٽائڻ جا اختيار کسي ڇڏيا، ان ڏس ۾ ان ڏس ڪراچي جي ايڊيشنل آءِ جي شهر جي سمورن زونل ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز کي خط لکي ايس ايچ اوز جي مقررين ۽ بدلين بابت نوان حڪم جاري ڪياآهن

خط ۾ ڄاڻايو ويو ته زونل ڊي آءِ جيز يا ايس ايس پيز بنا ڪنهن پختي سبب جي ايس ايچ اوز کي نه هٽائيندا، جيڪڏهن ڪو ايس ايچ او نااهلي يا غفلت جو مرتڪب ٿئي ته کيس هٽائڻ لاءِ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کان منظوري لازمي ورتي وڃي. ضلعي ايس ايس پي سڌي ريت ايس ايچ او مقرر نه ڪندو، ضلعي ايس ايس پي ايس ايچ اوز جي مقرري لاءِ 3 نالا زونل ڊي آءِ جي کي اماڻيندو، زونل ڊي آءِ جي وري ويريفڪيشن بعد 2 نالا ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي اماڻيندو

ايڊيشنل آءِ جي وري انهن ٻن نالن مان ڪنهن هڪ کي ايس ايچ او مقرر ڪندو. واضح رهي ته سنڌ پوليس جا سينئر آفيسر ايس ايس پيز رينڪ جي آفيسرن جي مقرري واري معاملي تي سنڌ حڪومت سان ماضي ۾ اختلاف ڪندا رهيا آهن، اڳوڻا آءِ جيز اي ڊي خواجا ۽ ڪليم امام ايس ايس پيز ۽ ڊي آءِ جيز جي مقرري واري معاملي تي ب سنڌ حڪومت سان ٽڪراءُ ۾ آيا هئا، هنن ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز جي مقرري واري معاملي تي ٿرڊ پارٽيز ذريعي عدالتن سان به رجوع ڪيو هو

هاڻي وري ساڳي رينڪ جي آفيسرن کي زونن ۽ ضلعن ۾ ڊي آئي جيز ۽ ايس ايس پيز جي خودمختاري قبول ناهي. پنهنجي اخبار طرفان مختلف سينيئر آفيسرن سان رابطو ڪيو ويو ته انهن نالو نه کڻڻ جي شرط تي ٻڌايو ته پوليس رولز موجب ايس ايچ اوز کي هٽائڻ يا مقرر ڪرڻ جو اختيار ضلعي ايس ايس پي وٽ آهي، ڇاڪاڻ ته ايس ايس پي پنهنجي ضلعي اندر امن امان جي صورتحال جو ذميوار آفيسر هوندو آهي

سينئر آفيسرن موجب ايڊيشنل آءِ جي پاران ايس ايس پيز جا اختيار استعمال ڪرڻ سان خرابي پيدا ٿيندي، ايس ايس پيز جو ڪم ڪلارڪي وارو رهجي ويندو،ذ ريعن موجب ڪراچي پوليس چيف رهندڙ غلام نبي ميمڻ ۽ جاويد عالم اوڍو جي دور ۾ به ايس ايچ اوز کي هٽائڻ ۽ مقرر ڪرڻ جا اختيار ايس ايس پيز پاڻ استعمال ڪندا هئا

Read Previous

بالي ووڊ سُندري ڪيارا سنڌي کاڌن جي شوقين نڪري پئي

Read Next

حيدرآباد ۾ ڀاڄائي سان شادي ڪرڻ لاءِ ننڍي ڀاءُ وڏي ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو

Most Popular