حيدرآباد: 10جوابدار ضمانت رد ٿيڻ بعد گرفتار

حيدرآباد: سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ جھيڙي جي ٽن ڌار ڌار ڪيسن  ۾ 10جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ واري عبوري ضمانت رد ڪري ڇڏي، سمورا جوابدار گرفتار ڪيا ويا

جسٽس محمد ڪريم خان آغا تي ٻڌل سنگل بئنچ ٽنهي ڪيسن ۾ جوابدارن جي پڪي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي

ڄامشورو ٿاڻي تي داخل ڪيس مان جوابدار محمد عثمان، محمد طالب راڄڙ، عرفان راڄڙ، عمران علي راڄڙ، ڪامران علي راڄڙ ۽ الهڏنو شيخ پيش ٿيا

عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد سمورن جوابدارن جي عبوري ضمانت رد ڪرڻ جو حڪم ڏنو

ڪپري موري ۾ عورت پاران داخل ڪرايل جهيڙي ڪيس مان عدالت عباس، غلام مصطفيٰ ۽ بشير جي عبوري ضمانت رد ڪئي

جهڏو ٿاڻي تي قتل ڪيس ۾ نامزد دين محمد نالي جوابدار جي عدالت عبوري ضمانت رد ڪندي سندس گرفتاري جو حڪم ڏنو

Read Previous

سانگهڙ ۾ افضل لنڊ جي وارثن جو ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو

Read Next

اسرائيل پاران غزه جي پناهگير ڪيمپ تي بمباري ۾ 50 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد

Most Popular