اسرائيل پاران غزه جي پناهگير ڪيمپ تي بمباري ۾ 50 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسرائيل پاران غزه جي پناهگير ڪيمپ تي بمباري ۾ 50 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا، اسڪولن، مسجدن ۽ اسپتالن تي بمباري ۾ وڌيڪ درجنين فلسطيني شهيد ٿي ويا، ٻارن ۽ عورتن سميت سوين زخمي ٿي پيا

اسرائيلي فوج جي وحشياڻين ڪارروائين ۽ آمريڪي صدر جو بائڊن جي پاليسي خلاف واشنگٽن ۾ تاريخي احتجاج ڪيو ويو، آمريڪا جي هڪ لک کان وڌيڪ شهرين پاران وائيٽ هائوس تائين ريلي ڪڍي وئي

مظاهرين چيو ته غزه ۾ معصوم فلسطيني ٻارن جي قتلام تي خاموش نه ويهنداسين، اسرائيل جي حمايت ڪندڙ آمريڪي صدر جو بائڊن جا هٿ به فلسطينين جي خون سان رنگيل آهن، صدر جوبائڊن کي لڪڻ نه ڏينداسين

لنڊن جي ٽرافلگر اسڪوائر تي به اسرائيل خلاف تاريخي احتجاج ڪيو ويو، غزه ۾ فلسطينين تي اسرائيلي بمباري فوري طور بند ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو

Read Previous

حيدرآباد: 10جوابدار ضمانت رد ٿيڻ بعد گرفتار

Read Next

بحريا ٽائون ڪراچي جي زمين جي سروي ڪرائڻ جو حڪم

Most Popular