طيب اردوان اسرائيلي جارحيت روڪرائڻ لاءِ آمريڪا مٿان دٻاءُ وجهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

انقره: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ترڪ صدر رجب طيب اردوان غزه ۾ اسرائيلي جارحيت کي روڪرائڻ جي لاءِ آمريڪا تي دٻاءُ وجهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

عرب ميڊيا موجب پنهنجي هڪ بيان ۾ طيب اردوان چيو ته جيستائين واشنگٽن اهو نٿو مڃي وٺي ته غزه فلسطين جو حصو آهي تيستائين ڪوبه معاهدو نه ٿيندو.

طيب اردوان چيو ته اسان کي مصر ۽ عرب ملڪن سان به ڳالهيون ڪرڻ گهرجن ۽ آمريڪا تي دٻاءُ وجهڻ گهرجي. آمريڪا کي اسرائيل تي دٻاءُ وڌائڻ گهرجي. جڏهن ته مغرب کي به اسرائيل تي دٻاءُ وڌائڻ گهرجي. اهو اسان جي لاءِ سيز فائر تائين وڃڻ جو اهم رستو آهي.

ترڪي جي صدر چيو ته هن معاملي ۾ هڪ انتهائي اهم ملڪ جي آمريڪا سان گڏجڻ جي ضرورت آهي جنهن جو اسرائيل ۾ اثر رسوخ آهي. طيب اردوان آمريڪي صدر جوبائيڊن سان ٽيليفون تي ڳالهيون ڪرڻ کان پڻ انڪار ڪيو.

هن چيو ته انتوني بلنڪن ترڪيه ۾ رهيو آهي ۽ مان سمجهان ٿو ته جوبائيڊن کي انهي معاملي ۾ اسان جي ميزباني ڪرڻ گهرجي اهو منهنجي لاءِ مناسب نه هوندو ته مان کيس ٽيليفون ڪريان. هن چيو ته آمريڪا هر صورت ۾ اهو مڃي ته غزه فلسطين جي زمين آهي.

Read Previous

اسلام آباد: وڪيل پاران التوا گهرڻ تي جسٽس طارق محمود جهانگيري جو لطيفو، ٽهڪڙا

Read Next

غزه جي اسپتالن ۽ ڪيمپن تي اسرائيلي حملا جاري، شهيدن جو انگ 11 هزار کان وڌي ويو

Most Popular