مچ ۽ ڪولپور علائقن ۾ حملن بعد فورسز جي آپريشن ۾ 24 دهشتگرد مارجي ويا

بلوچستان جي مچ ۽ ڪولپور علائقن ۾ حملن بعد سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ 24 دهشتگرد مارجي ويا آهن

 آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن مچ ۽ ڪولپور ڪامپليڪسز تي حملا ڪيا جن کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن دليري سان ناڪام بڻايو، دهشتگرد حملا 29 ۽ 30 جنوري جي رات ڪيا ويا

آءِ ايس پي آر موجب گذريل ٽن ڏينهن دوران 24 دهشتگردن کي جهنم ۾ پهچايو ويو، مارجي ويل دهشتگردن ۾ شهزاد بلوچ، عطاءُ الله، عبدالودود، ذيشان ۽ سندن ماسٽر مائينڊ شامل آهن

جاري بيان ۾ آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو آهي ته مارجي ويل ٻين دهشتگردن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي، دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا 4 اهلڪار ۽ 2 واٽهڙو به شهيد ٿيا

Read Previous

سنڌ ۾ چونڊن کان اڳ ئي فوج مقرر ڪرڻ جو اعلان

Read Next

پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي وزيراعظم آفيس جو غلط استعمال ڪيو: توشا خانه ڪيس جو تفصيلي فيصلو جاري

Most Popular