ٿوري وقت لاءِ دنيا جو امير ترين شخص، 2 منٽن ۾ سڄي دولت وڃائي ويٺو

ڊيلاويئر: (ويب ڊيسڪ) اسان مان گھڻا ماڻهو لاٽري کٽي يا ڪهڙي نه ڪهڙي طرح ڪروڙ پتي بڻجڻ جو خواب ڏسندا آهن پر ڇا ٿيندو جڏهن اهو خواب حقيقت بڻجي وڃي ۽ اوهان جي اڪائونٽ ۾ لکين يا اربين نه پر کربين ڊالرز جي رقم اچي وڃي؟

اهڙو ئي هڪ واقعو آمريڪا ۾ پيش آيو جنهن ۾ هڪ مڊل ڪلاس شهري تمام ٿوري وقت لاءِ امير ترين کرب پتي بڻجي ويو هو پر رڳو ٻن منٽن کان پوءِ هو اها سموري دولت وڃائي ويٺو.

ڊيلا ويئر ڪائونٽي سان واسطو رکندڙ ڪرس رينالڊز جولاءِ 2013ع ۾ هڪ پنهنجو پي پال اڪائونٽ کوليو ته جيئن ڄاڻي سگھي ته اڪائونٽ ۾ ڪيترا پيسا بچيا آهن پر هن کي اهو ڏسي سندس اکين تي يقين نه آيو ته هن جي اڪائونٽ ۾ 92 92,233,720,368,547,800 ڊالرز موجود هئا.

مختلف خابرو اداري کي جڏهن ان واقعي جو اطلاع مليو ته انڪشاف ٿيو ته ڪرس رينالڊز ميڪسيڪو جي ڪاروباري شخص ڪارلوس سلم کان 10 لک ڀيرا وڌيڪ امير ٿي ويو آهي جيڪو ان وقت دنيا جو سڀ کان امير ترين ماڻهو هو ۽ سندس گڏيل دولت 67 بلين ڊالرز هئي.

ڪرس خابرو اداري کي ٻڌايو ته پهريان آئون سوچيو ته متان ڪو مذاق ڪري رهيو آهي. بدقسمتي سان اهو سڀ ڪجهه تڏهن ختم ٿيو جڏهن پي پال کي پنهنجي غلطي جو جلد احساس ٿيو ۽ هنن رينالڊ کي ٿيل تڪليف کان معافي گھري ۽ غلطي کي درست ڪيو.

پي پال تلافيءَ جي طور تي ڪرس جي پسند جي خيراتي اداري کي ڪجهه رقم عطيو ڪرڻ جي آڇ ڪئي. اداري پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته اسان ڪرس جي عطيو ڪرڻ جي مقصد ۾ شامل ٿيڻ چاهيون ٿا ۽ اها اعزاز جي ڳالهه آهي.

اداري اهو به ٻڌايو ته اسان اها آڇ ڪرڻ لاءِ ڪرس سان رابطو ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته اسان خوش نصيب آهيون ته هو اسان جو گرا هڪ آهي.

Read Previous

جي ڊي اي جي ڌرڻي سبب ايم نائين موٽر وي بلاڪ، ٽريڪ جي صورتحال

Read Next

پاڪستان ۾ پي ٽي آءِ کان سواءِ اتحادي حڪومت ٺاهڻ تي آمريڪا جو رد عمل سامهون اچي ويو

Most Popular