پاڪستان ۾ پي ٽي آءِ کان سواءِ اتحادي حڪومت ٺاهڻ تي آمريڪا جو رد عمل سامهون اچي ويو

واشنگٽن: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪا هڪ دفعو ٻيهر پاڪستان ۾ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ ڌانڌلي جي الزامن جي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.

عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ميٿيو ملر کان هفتيوار بريفنگ دوران صحافين پاڪستان ۾ عام چونڊن دوران ڌانڌلي جي الزامن ۽ امڪاني اتحادي حڪومت بابت سوال ڪيا.

هڪ صحافي طرفان پڇيو ويو ته پاڪستان ۾ تحريڪ انصاف کان سواءِ اتحادي ٺهڻ جو امڪان آهي ان تي آمريڪا جو ڪهڙو رد عمل آهي جنهن تي ميٿيلو ملر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۾ مخلوط حڪومت جي جوڙجڪ برطانوي پارلياماني نظام جي عين مطابق آهي.
ميٿيو ملر وڌيڪ چيو ته اتحادي حڪومت جي بنجڻ جو معاملو پاڪستان جو اندروني معاملو آهي ان تي ڪوبه فيصلو ڪرڻ جو اختيار آمريڪا وٽ نه آهي پر پاڪستاني عوام اهو فيصلو ڪرڻ جو حق رکي ٿي.

هن عام چونڊن ۾ مبينه ڌانڌلين ۽ بي ضابطگين جي باري ۾ پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان اڳ به اهڙن الزامن جي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ اسان جي خيال ۾ اهو سڀني کان وڌيڪ مناسب قدم آهي. آمريڪي ترجمان ميٿيو ملر اهو به واضح ڪيو ته پاڪستان ۾ ٺهندڙ نئين حڪومت سان ملي ڪم ڪرڻ ۽ ٻطرفا لاڳاپا وڌائڻ جي اوسيئڙي ۾ آهيون.

Read Previous

ٿوري وقت لاءِ دنيا جو امير ترين شخص، 2 منٽن ۾ سڄي دولت وڃائي ويٺو

Read Next

عمران خان جي آزاد ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان وڃي کيس مبارڪباد ڏيندس: راکهي ساونت

Most Popular