راولپنڊي جي ڪمشنر چونڊن ۾ ڌانڌلي جو اعتراف ڪري ورتو، استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان، ڦاهي ڏيڻ جو مطالبو

راولپنڊي: (بيورو ) راولپنڊي جي ڪمشنر چونڊن ۾ ڌانڌلي جو اعتراف ڪندي استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

راولپنڊي جي ڪمشنر لياقت علي چٺه پنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چونڊ بي ضابطگين تي استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

هن چيو ته اسان 8 فيبروري جي رات راولپنڊي مان 13 ماڻهن کي کٽرايو ۽ شڪست کائيندڙ اميدوارن کي 50-50 هزار جي ليڊ ۾ تبديل ڪيو. مون راولپنڊي ڊويزن ۾ ناانصافي ڪئي آهي، دٻاءُ جي ڪري اڄ صبح فجر جي نماز کان پوءِ آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پوءِ سوچيو ته حرام جي موت ڇو مران، ڇو نه سڀ ڪجهه عوام جي سامهون رکي ڇڏيان.

لياقت علي چٺه چيو ته مون کي راولپنڊي جي ڪچهري چوڪ ۾ ڦاهي ڏيڻ گهرجي. مان راولپنڊي ڊويزن ۾ چونڊ ڌانڌلي جي ذميواري قبول ڪريان ٿو ۽ پنهنجو پاڻ کي پوليس جي حوالي ڪريان ٿو. ملڪ جي پٺي ۾ ڇُرو هنيو ويو جيڪو مون کي سمهڻ نٿو ڏئي، مان سڪون جي موت مرڻ چاهيان ٿو، مون کي ڪيل ظلم جي سزا ملڻ گهرجي. مون سان گڏ چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ٻين کي به سزائون ڏنيون وڃن.

راولپنڊي جي ڪمشنر ٻڌايو ته اسان راولپنڊي ڊويزن جي 13 قومي اسيمبلي جي سيٽن تي شڪست کائيندڙ ماڻهن کي کٽرايو، پنهنجي ماتحت ريٽرننگ آفيسرز کان معذرت چاهيان ٿو جڏهن مون انهن کي چيو ته اوهان کي غلط ڪم ڪرڻو آهي ته اهي ويچارا روئي رهيا هئا، انهن منهنجي ماتحت اهو ڪم نٿي ڪرڻ چاهيو.

لياقت علي چٺه چيو ته چيف جسٽس ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر ڌانڌلي جي هن ڏوهه ۾ برابر جا شريڪ آهن. 70 هزار جي ليڊ ماڻيندڙ آزاد اميدوارن کي ڪوڙا ٺپا لڳائي شڪست ڏني وئي، سموري ذميواري کي قبول ڪريان ٿو. مون کي ڦاهي ڏني وڃي. پاڪستان ٽوڙڻ جي ڏوهه ۾ شريڪ نٿو ٿي سگهان.

Read Previous

هانگ ڪانگ جي چئن انجنيئرن دنيا جو سڀني کان ننڍو روبوٽ ٺاهي پاڪستاني انجنيئر جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

Read Next

ٽنڊوالهيار: عورت مارچ موبلائيزيشن جي سلسلي ۾ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، امر سنڌو ۽ ٻين عورت اڳواڻن جي شرڪت

Most Popular