ٽنڊوالهيار: عورت مارچ موبلائيزيشن جي سلسلي ۾ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، امر سنڌو ۽ ٻين عورت اڳواڻن جي شرڪت

ٽنڊوالهيار: (مانيٽرنگ ڊيسڪ) عورت مارچ موبلائيزيشن جي سلسلي ۾ ٽنڊوالھيار جي پٺاڻ ڪالوني ۾ مايا ساگر اوڏ پاران ڪوٺايل گڏجاڻي ۾ وومين ايڪشن فورم جي امر سنڌو سميت ڪالوني جي مختلف ڪميونٽي جي عورتن شرڪت ڪئي.

عورتن جي ان گڏجاڻي ۾ امر سنڌو پاران عورت جي مقصد ۽ مطالبن تي تفصيل سان ڪچھري ڪندي چيو ويو تہ اٺين مارچ عورتن جو عالمي ڏينھن آھي جنھن کي دنيا جون سڀ عورتون ملھائينديون آھن، پر سنڌ ۾ عورتن جي اڪثريت اڄ به گھرو تشدد جو شڪار آھي. عورتون کاڌ و خوراڪ، تعليم توڙي صحت جي حوالي سان انتھائي پوئتي آھن. پدرشاھي سماج جي اثر ھيٺ عورتون پنھنجي پاڻ کي غير اھم سمجھندي پنھنجي تخليقي صلاحيتن کي استعمال ڪرڻ بجاءِ روايتي طور تي عورت دشمن رسمن ۽ رواجن جو شاڪر آھن جنھن ۾ کين تعليم کان روڪيو وڃي، عورتن جي نوڪري ڪرڻ کي عيب سمجھيو وڃي ٿو، ڇوڪرين جي ننڍي عمر ۾ ئي شادي ڪئي وڃي ٿي. عورتن جي ترقي لاء ذھني سڄاڳي ضروري آھي جنھن لاء تعليم انتھائي ضروري آھي. عورت مارچ عورتن جي حقن جي ڏس ۾ عورتن جي مطالبن تي ٻڌل عورتن جي ٻڌي جو اظھار آھي.

مايا اوڏ پڻ تعليم ۽ ذھني سجاڳي جي حوالي سان عورتن کي متحرڪ ٿيڻ جو سڏ ڏنو. ڪچھري م عورتن پنھنجي پنھنجي ڪميونٽي جي حوالي سان درپيش مسئلن تي ڳالھہ ٻولھہ ڪئي. عورتن اھا خواھش ڏيکاري تہ کين دين جي تعليم ۽ کين خودمختيار ڏسڻ جي خواھش آھي پر ھو رواجي رسمن ۾ جڪڙيل ھجڻ جي ڪري پنھنجي ڌيئرن کي تعليم جي زيور کان محروم رکڻ تي مجبور آھن.

امرسنڌو کين ٻڌايو تہ عورتن جي پاڻ ۾ رابطہ ڪرڻ، تنظيم ڪاري سان انھن فرسوده رسمن خلاف جنگ جوٽڻ ضروري آھي. ھن کين عورت مارچ ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏني.

Read Previous

راولپنڊي جي ڪمشنر چونڊن ۾ ڌانڌلي جو اعتراف ڪري ورتو، استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان، ڦاهي ڏيڻ جو مطالبو

Read Next

ڏهرڪي ۾ هزاره ايڪسپريس جو مسافر ٽرين مان ڪري فوت

Most Popular