ڪراچي ۾ ٻارن جي معمولي ڳالهه تان جهيڙو، فائرنگ، يوسي چيئرمين مارجي ويو، 8 ڄڻا زخمي

ڪراچي: (بيورو رپورٽ) ڪراچي ۾ ٻارن جي معمولي ڳالهه تان ٿيل جهيڙو رتو ڇاڻ ۾تبديل ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ يوسي چيئرمين مارجي ويو جڏهن ته 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

پوليس موجب گلستان جوهر ڀٽائي آباد ۾ حسيني امام بارگاهه ڀرسان 2 ڌرين ۾ ٻارن جي معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ وڏا وچ ۾ پئجي ويا جنهن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ پيپلز پارٽي جو نئون چونڊيل يوسي چيئرمين مارجي ويو. جڏهن ته فائرنگ ۽ پستول جا بٽ لڳڻ سبب 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. زخمي ٿيندڙ 5 ڄڻن جو تعلق مگسي ۽ 3 جو سنجراڻي قبيلي سان آهي.

واقعي جي اطلاع ملڻ تي ملير ڪينٽ ٿاڻي جي پوليس موقعي تي پهچي وئي ۽ مارجي ويل ۽ زخمي ٿيندڙن کي ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو. فائرنگ دوران مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ 30 ورهين جي صابر علي مگسي ولد خادم علي مگسي جي نالي سان ڪئي وئي.

فائرنگ سبب زخمي ٿيندڙن ۾ 21 ورهين جو پنهل خان مگسي، 18 ورهين جو حسنين مگسي، 24 ورهين جو شهيب مگسي جڏهن ته پستول جا بٽ لڳڻ سبب زخمي ٿيندڙن ۾ اعجاز مگسي، مٺل مگسي، منصف سنجراڻي، سجاد سنجراڻي ۽ معراج سنجراڻي شامل آهن.

علائقي جي رهواسي الله بخش مگسي صحافين کي ٻڌايو ته مارجي ويل ۽ زخمي ٿيندڙن جو تعلق مگسي برادري سان آهي. مقتول صابر علي مگسي گلستان جوهر ڀٽائي آباد بلاڪ 9، بختاور ڳوٺ يوسي نائن پيپلز پارٽي جو نئون چونڊيل چيئرمين ۽ 2 ٻارڙين جو پيءُ هو جڏهن ته مقتول آرڪيٽيڪچر سوسائٽي جو رهواسي هو ۽ ان جي ڀٽائي آباد ۾ اسٽيٽ ايجنسي پڻ آهي.

هن ٻڌايو ته فائرنگ ڪندڙن جو تعلق سنجراڻي قبيلي سان آهي. تقربين ڏيڍ مهينو اڳ ٻنهي ٻرادري جي ٻارن ۾ جهيڙو ٿيو جيڪو ڪافي حد تائين وڌي ويو هو. جهيڙي سبب علائقي ۾ ڇڪتاڻ پکڙيل هئي. جنهن کان پوءِ علائقي جي بزرگن جي مداخلت تي ٻنهي ڌرين ۾ جرڳو پڻ ٿيو هو جنهن ۾ سنجراڻي برادري تي 5 لک روپيه ڏنڊ لڳايو ويو هو. جيڪو ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مگسي برادري وارن معاف ڪري ڇڏيو هو.

سومر جي رات 11 وڳي ٻنهي برادري جي ٻارن ۾ راند دوران ٻيهر جهيڙو ٿيو، جيڪو وڌندي وڌندي وڏن تائين پهچي ويو. جهيڙي جي اطلاع تي يوسي چيئرمين صلح ڪرائڻ لاءِ آيو هو ۽ علائقي ۾ مگسي برادري جي ماڻهن جي شڪايت ٻڌي رهيو هو ته سنجراڻي برادري جي ماڻهن گهرن جي ڇت تان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ يوسي چيئرمين صابر علي مگسي جي ڳچي ۾ گولي لڳي جيڪا انهي لاءِ موت جو سبب بڻجي.

ڪراچي پوليس جي ترجمان موجب جهيڙي دوران فائرنگ سبب زخمي ٿيندڙ منصف سنجراڻي، سجاد سنجراڻي ۽ معراج سنجراڻي جو تعلق سنجراڻي قبيلي سان آهي. واقعي کان پوءِ علائقي ۾ سخت ڇڪتاڻ شروع ٿي وئي آهي پر ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پوليس جي وڏي نفري علائقي کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

Read Previous

پنهنجي والد کي انصاف ڏيارڻ بينظير ڀٽو جو خواب هو: بلاول

Read Next

پنهنجي شرطن تي(ن) ليگ کي ووٽ ڏيندس، پي ٽي آءِ ڳالهين کان سواءِ حڪومت نٿي ٺاهي سگهي: بلاول ڀٽو

Most Popular