پنهنجي شرطن تي(ن) ليگ کي ووٽ ڏيندس، پي ٽي آءِ ڳالهين کان سواءِ حڪومت نٿي ٺاهي سگهي: بلاول ڀٽو

اسلام آباد: (اڱارو: 20 فيبروري 2024ع)  پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلز پارٽي پنهنجي موقف تي قائم آهي پنهنجي شرطن تي (ن) ليگ کي ووٽ ڏينداسين. مسلم ليگ(ن) پنهنجو موقف تبديل ڪري، پيپلز پارٽي پنهنجي موقف ۾ تبديلي نه آڻيندي، مون کي صورتحال تمام خطرناڪ نظر اچي رهي آهي.

سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي بلاول ڀٽو زرداري ذوالفقار علي ڀٽو ريفرنس ڪيس بابت  پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته مان هن ڪيس ۾ انصاف گهري رهيو آهيان مون کي اميد آهي ته آئين جي باني کي اعليٰ عدليه مان انصاف ضرور ملندو.

بلاول ڀٽو چيو ته فيصلو آيو ته مستقبل ۾ عدليه هجي يا ڪو ٻيو ادارو  اهڙو ڏوهه ٻيهر نه ڪيو ويندو. اميد آهي ته فيصلي جي ڪري اداري تي جيڪو داغ آهي اهو ختم ڪيو ويندو.  شهيد بينظير ڀٽو جو خواب هو ته هو پنهنجي والد کي انصاف ڏياري. هن چيو ته پيپلز پارٽي فيصلو ڪيو آهي ته انهن سان گڏجي ڳالهيون ڪريون. پر جيڪڏهن مون کي مسلم ليگ(ن) کي ووٽ ڏيڻو آهي ته اهو مان پنهنجي شرطن تي ڏيندس. مان(ن) ليگ جي شرطن تي کيس ووٽ ڪيئن ڏيان؟

هن چيو ته عام چونڊن پاڪستان جي عوام ڪنهن به هڪ پارٽي کي مڪمل مينڊيٽ نه ڏنو، عوام چاهي ٿي ته ملي هن ملڪ کي هلايو وڃي  جمهوريت ۾ سڀني کي ملي هلڻو پوندو آهي. سياسي پارٽين کي پاڻ ۾ ويهي ملڪ جو مستقبل طئي ڪرڻو پوندو. ڳالهين سان ئي مسئلن جو حل ڪڍي سگهجي ٿو. (ن) ليگ سان اسان جون ڳالهيون هلي رهيون آهن. اسان وٽ اڪثريت نه آهي جيڪو ڪجهه به ڪري رهيا آهيو عوام لاءِ ڪري رهيا آهيون.

اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو ته مان سمجهان ٿو ته ڳالهين ۾ جيڪا دير ٿي آهي اها ڳالهين واري ڪميٽي جي غير سنجيدگي سبب ٿيو آهي اهو نقصان مون کي نه ٿي رهيو آهي پر اهو نقصان پاڪستان ۽ پاڪستان جي جمهوريت کي ٿي رهيو آهي.

تحريڪ انصاف سان اتحاد بابت بلاول ڀٽو چيو ته پي ٽي آءِ جي اڪثريت آهي پر اها چوي ٿي ته ڪنهن سان به ڳالهيون نه ٿينديون. پي ٽي آءِ جيستائين ڳالهيون نه ڪندي تيستائين حڪومت نٿي ٺاهي سگهي. پي ٽي آءِ پيپلز پارٽي سان ڳالهين جي لاءِ راضپو ظاهر نه ڪيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مون اسٽيبلشمينٽ جو سهارو نه ورتو آهي. الزام کان اڳ ثبوت پيش ڪندس. جيڪڏهن مون ڪنهن شيءَ جو سودو ڪيو آهي ته ان جو ثبوت ڏنو وڃي.  مون هميشه قانون جي بالادستي ڪئي آهي. مولانا جيڪا ڳالهه ڪئي ان جو جواب هو پاڻ ڏئي.

Read Previous

ڪراچي ۾ ٻارن جي معمولي ڳالهه تان جهيڙو، فائرنگ، يوسي چيئرمين مارجي ويو، 8 ڄڻا زخمي

Read Next

موسميات کاتي ڪراچي ۾ برسات جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا

Most Popular