موسميات کاتي ڪراچي ۾ برسات جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا

ڪراچي: (رپورٽر) ڪراچي ۾ مغربي هوائن جي سسٽم تحت برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. موسميات کاتي موجب مغربي هوائن جي داخل ٿيڻ کان پوءِ ڪراچي ۾ برسات پئجي سگهجي ٿي.

موسميات کاتي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته 25 فيبروري تي مغربي هوائن جو سلسلو بلوچستان ۾ داخل ٿي سگهي ٿو. مذڪوره سسٽم جي اثر هيٺ بلوچستان ۽ سنڌ ۾ برسات جو امڪان آهي.

موسم جو حال ٻڌائيندڙن چيو آهي ته ڪراچي ۾ به انهي سسٽم جي اثر هيٺ برسات پوڻ جو امڪان آهي ۽ اهو سسٽم 27 فيبروري تائين اثر انداز رهندو.

موسميات کاتي اسلام آباد ۾ به کنوڻ سان وڌيڪ برسات، گليات ۽ ڀرپاسي ۾ برسات ۽ برفباري جي اڳڪٿي ڪئي آهي. راولپنڊي، اٽڪ، جهلم، گجرات، سيالڪوٽ، نارووال ۽ لاهور ۾ به وڌيڪ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.

ڏکڻ بلوچستان ۾ به تيز هوائون هلڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته مختلف ضلعن ۾ موسم خشڪ رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ به تيز هوائون هلڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. ايبٽ آباد، مانسهره ۽ ڀرپاسي ۾ برسات ۽ برفباري جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

ٻئي پاسي ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ 3 ڏينهن کان جاري برسات ۽ برفباري سبب مختلف هنڌن تي روڊ بند ٿي ويا جڏهن ته بجلي ۽ مواصلات جو نظام به درهم برهم ٿي ويو آهي. صورتحال کي نظر ۾ رکندي آزاد ڪشمير جي 7 ضلعن ۾ امڪان ملتوي ڪيا ويا آهن. برسات ۽ برفباري وڌيڪ هڪ ڏينهن تائين جاري رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

Read Previous

پنهنجي شرطن تي(ن) ليگ کي ووٽ ڏيندس، پي ٽي آءِ ڳالهين کان سواءِ حڪومت نٿي ٺاهي سگهي: بلاول ڀٽو

Read Next

پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ ۾ معاملا طئي ٿي ويا، آصف زرداري صدر ۽ شهباز شريف وزيراعظم هوندو

Most Popular