مريم نواز سميت پنجاب اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرز حلف کڻي ورتو

نواز ليگ جي نامزد سي ايم مريم نواز سميت پنجاب اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرز حلف کڻي ورتو

 اسپيڪر سبطين خان سوا ٻه ڪلاڪ دير سان شروع ٿيل اجلاس ۾ نون چونڊيل ميمبرز کي حلف کڻايو، سڀاڻي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ سڀاڻي ٿيندي، سيڪريٽري پنجاب اسيمبلي چيو آهي ته اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ ڳجهي ووٽنگ ذريعي ٿيندي

 نواز ليگ جي ميمبرز ۽ سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ٿيل پي ٽي آءِ ميمبرز جي هڪ ٻئي خلاف نعريبازي، مريم نواز ايوان ۾ پهتي ته نوازليگ جي ميمبرز نعرا هڻي ۽ ڊيسڪ وڄائي سندس آجيان ڪئي

 مريم نواز اسيمبلي آمد تي چيو ته خدا ڪري ته پنجاب لاءِ هڪ نئون دور شروع ٿئي، مريم نواز پنجاب اسيمبلي ۾ پارٽيءَ جي چونڊيل ميمبرز سان گڏجاڻي به ڪئي

 مريم نواز چيو ته توهان سڀني کي جمهوريت جو نئون دور مبارڪ هجي، سڀ گڏجي ملڪي ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪنداسين، نواز ليگ جا ميمبرز نوازشريف جا پلي ڪارڊ کڻي ايوان ۾ پهتا

مريم نواز پاڪستان جي تاريخ جي پهرين عورت سي ايم بڻجڻ لاءِ تيار

مريم نواز پاڪستان جي تاريخ جي پهرين عورت سي ايم بڻجڻ لاءِ تيار، پنجاب ۾ سادي اڪثريت سان حڪومت ٺاهڻ لاءِ 186 ميمبرز جي اڪثريت گهربل، نواز ليگ صوبائي ايوان ۾ 133 سيٽن سان پهرين نمبر تي آهي، 23 آزاد ميمبرن جي شموليت

 عورتن جي مخصوص 26 ۽ اقليتن جي 5 سيٽن سان نوازليگ ايوان ۾ 201 ميمبرز سان سڀني کان اڳتي، نواز ليگ کي پيپلزپارٽي جي 14، قاف ليگ جي 10 ۽ آءِ پي پي جي 6 ميمبرز جي حمايت به حاصل، نواز ليگ کي پنجاب اسيمبلي ۾ مجموعي طور 230 ميمبرز جي اڪثريت حاصل آهي

 پنجاب اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز ليگ جي اڳواڻ عطا تارڙ چيو ته اسان وٽ پنهنجن 210 ميمبرز جي واضح اڪثريت موجود آهي، مريم نواز جي قيادت هيٺ پنجاب ۾ عوامي فلاح جا منصوبا مڪمل ٿيندا ۽ مهانگائي گهٽ ٿيندي

Read Previous

چونڊن ۾ ڌانڌلين جا بدترين الزام هڻندڙ اڳوڻي ڪمشنر راولپنڊي پنهنجو بيان قلمبند ڪرائي ورتو

Read Next

شھدادپور ۾ سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، ٻه سڳا ڀائر مارجي ويا

Most Popular