چونڊن ۾ ڌانڌلين جا بدترين الزام هڻندڙ اڳوڻي ڪمشنر راولپنڊي پنهنجو بيان قلمبند ڪرائي ورتو

اسلام آباد: چونڊن ۾ ڌانڌلين جا بدترين الزام هڻندڙ اڳوڻي ڪمشنر راولپنڊي پنهنجو بيان قلمبند ڪرائي ورتو، اڳوڻي ڪمشنر لياقت چٺا اليڪشن ڪميشن جي جاچ ڪميٽي آڏو پنهنجو بيان ريڪارڊ ڪرايو

جاچ ڪميٽي راولپنڊي ڊويزن جي سمورن ڊي آر اوز ۽ آر اوز جا بيان قلمبند ڪري چڪي آهي، ڊي آر اوز ۽ آر اوز پنهنجن بيانن ۾ اڳوڻي ڪمشنر جي لڳايل الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي

 اڳوڻي ڪمشنر راولپنڊي ڊويزن جي سمورن قومي تڪن تي هارايل اميدوارن کي ڌانڌلين ذريعي کٽرائڻ  جو اعتراف ڪندي استعيفا ڏني هئي

Read Previous

سجاس جي نئين چونڊيل ڪابينا عهدي جو حلف کڻي ورتو

Read Next

مريم نواز سميت پنجاب اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرز حلف کڻي ورتو

Most Popular