نواز ليگ جو اياز صادق 199 ووٽ کڻي قومي اسيمبلي جو نئون اسپيڪر چونڊجي ويو

اسلام آباد: نواز ليگ جو اياز صادق 199 ووٽ کڻي قومي اسيمبلي جو نئون اسپيڪر چونڊجي ويو، سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار عامر ڊوگر کي 91 ووٽ مليا

 اياز صادق نتيجن جو اعلان ٿيڻ بعد هارايل اميدوار عامر ڊوگر وٽ وڃي ساڻس هٿ ملايو، اياز صادق 23 هين اسپيڪر طور پنهنجي  عهدي جو حلف کڻي ورتو

اسپيڪر راجا پرويز اشرف نئين چونڊيل اسپيڪر کي عهدي جو حلف کڻايو، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، نواز شريف، شهباز شريف ۽ عمر ايوب سميت 291 ميمبرز پاران ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويا، هڪ ووٽ رد ٿي ويو

 اياز صادق عهدي جو حلف کڻڻ بعد ووٽ ڏيڻ تي نوازليگ ۽ اتحادي جماعتن جا ٿورا مڃيا، نئين چونڊيل اسپيڪر اياز صادق ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ لاءِ ووٽنگ شروع ڪرائي ڏني

 ڊپٽي اسپيڪر لاءِ پيپلزپارٽي جو غلام مصطفيٰ شاهه ۽ سني اتحاد ڪائونسل جو جنيد اڪبر ميدان ۾ لٿل آهي، اياز صادق خطاب ڪندي چيو ته الله جو شڪر آهي جو وري قومي اسيمبلي جو اسپيڪر چونڊجي ويو آهيان، آصف زرداري جي مهرباني جو هن مون تي اعتماد ڪيو، عامر ڊوگر کي ڀاءُ سمجهو آهي، مان ڀاءُ بڻجي ڏيکاريندس

Read Previous

سيوهڻ: لعل شهباز قلندر جي 772هين عرس مبارڪ جون تقريبون شروع، سنڌ جي گورنر چادر چاڙهي افتتاح ڪيو

Read Next

ڊالر 25 پئسا مهانگو: سون ۾ 900 رپين جي واڌ

Most Popular