ميرپورماٿيلو واسي مغوي رتڪ ڪمار بازياب ٿي گهر پهچي ويو

ميرپورماٿيلو (رپورٽر) ميرپورماٿيلو واسي مغوي رتڪ  ڪمار بازياب ٿي گهر پهچي ويو

ميرپورماٿيلي جي رهواسي نوجوان رتڪ ڪمار کي مهينو اڳ گهوٽڪي مان اغوا ڪيو ويو هو

علائقي ۾ چوٻول هلي رهيا آهن ته رتڪ ڪمار ڀنگ ڀري آزاد ٿيو آهي، پوليس طرفان آپريشن ۾ آزاد ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي

پوليس جو چوڻ آهي ته ڪچي ٻنڊي واري علائقي  ۾ ڏوهارين سان مقابلي دوران رتڪ  ڪمار کي بازياب ڪرايو ويو آهي

رتڪ ڪمار ۽ ٻين جي آزادي لاءِ ڪيترن ڏينهن کان گهوٽڪي، ميرپورماٿيلو، جروار، ڳڙهي چاڪر، خانپور مهر، خانپور، شڪارپور ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا جاري رکيا ويا

ذريعن جو چوڻ آهي ته مغوي کي راڄوڻي ڪوششن ذريعي70  لک ڀنگ ڀري بازياب ڪرايو ويو آهي

Read Previous

آءِ جي سنڌ ايس ايس پي دادو کي هٽائي ڇڏيو

Read Next

پي ٽي آءِ باني سان اڊياله جيل ۾ ملاقات جو مڪينزم طئي ڪرڻ جو حڪم

Most Popular