نواز شريف جا پٽ حسن ۽ حسين نيب جي ٽن ڪيسن مان بري

اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي پٽن حسن ۽ حسين نواز کي نيب جي ٽن ڪيسن مان بري ڪري ڇڏيو آهي

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ايون فيلڊ، فليگ شپ ۽ العزيزيه ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران حسن ۽ حسين نواز جي وڪيل پيش ٿي بريت جي درخواست داخل ڪرائي

عدالت حسن ۽ حسين نواز جي بريت بابت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو، جيڪو ڪجهه دير بعد ٻڌايو ويو آهي

احتساب عدالت حسن ۽ حسين نواز کي نيب جي ٽن ڪيسن مان بري ڪرڻ جو فيصلو ڏنو آهي

Read Previous

لانگ مارچ ۾ ڀڃ ڊاهه ڪيس، عمران خان ٻن ڪيسن مان بري

Read Next

پرويز الاهي جيل جي واش روم ۾ ڪري پيو، هڏي ۾ فريڪچر ٿي پيو: جيل رپورٽ

Most Popular