سنڌ جي خوراڪ کاتي ڪڻڪ خريداري لاءِ پاليسي جوڙي ورتي

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي خوراڪ کاتي ڪڻڪ خريداري لاءِ پاليسي جوڙي ورتي، پاليسي ۾ چيوويو آهي ته بارداڻو صرف انھن کي ملندو  جن وٽ پنهنجي زمين جو پاس بڪ يا روينيو رڪارڊ ھوندو

پاليسي موجب مٽي، گاھ يا پٿريون مليل ڪڻڪ خريد ڪندڙ سينٽرن جي انتظاميا خلاف ڪارروائي ٿيندي، 10 سيڪڙو کان وڌيڪ نمي  واري ڪڻڪ خريد نٿي  ڪري سگهجي

پاليسي موجب خريد ڪيل ڪڻڪ کي احتياط ۽  محفوظ ھنڌ تي رکيو وڃي، جيڪڏھن ڪڻڪ رکڻ لاءِ سرڪاري  گودام ۾ جاءِ نه ھجي ته مسواڙ تي گودام  حاصل ڪرڻ جي اجازت ھوندي

پاليسي موجب جن تي به غبن جو الزام آھي، انھن آفيسرن  توڙي ملازمن کي ڪڻڪ خريداري ۽  ذخيري جي ذميواري نه ڏني ويندي

پاليسي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ڪڻڪ جي خريداري ۾ اڳواٽ  خريداري لاءِ رقم ادا ڪرڻ بدعنواني  ۽ ڏوھ تصور ڪيو ويندو

پاليسي موجب جيڪڏهن ڪا اھڙي شڪايت ملي ته لاڳاپيل  ڊپٽي ڊائريڪٽرز، ڊي ايف او ۽ سينٽر انچارج  خلاف ڪارروائي ٿيندي

Read Previous

ڇوڪري جو ٻاهرين ملڪ وڃڻ لاءِ پنهنجي اغوا جو ڊرامو، والد کان 30 لک ڀنگ طلب

Read Next

وزيراعظم شهباز شريف سان آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي ملاقات

Most Popular