اتر سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني سبب ڪرمپور جي وڌيڪ 2 ڪٽنبن جا 5 ڀاتي ڀارت لڏي ويا

ڪرمپور (رپورٽ) اتر سنڌ ۾ بدترين بدامني سبب ڪرمپور واسي وڌيڪ ٻه هندو خاندان سنڌ ڌرتي ڇڏي ڀارت روانا.  اجئه ڪمار بالاڻي سندس سئوٽ جيتيندر ڪمار ڪٽنب سميت لاهور رستي ڀارت لڏي ويا، اجئه ڪمار بالاڻي سندس امڙ، ڀيڻ ۽ سئوٽ جيتيندر ڪمار بالاڻي سميت 5 فرد ڪرمپور کان ڀارت روانا ٿي ويا،  شهرين وڏي انگ ۾ باءِ پاس تي پهچي ڀارت لڏي ويندڙ خاندان سان روانگي وقت موڪلاڻي ڪئي، ڀارت روانگي وقت اجئه ڪمار بالاڻي سنڌ ڌرتي کي سجدو ڪري موڪلائڻ بعد ڪوچ ۾ لاهور روانا ٿي ويو.  ڪرمپور مان وڌيڪ ڪيترائي خاندان بدامني سبب ڀارت لڏي وڃڻ لاء تيار ويٺل آهن رڳو ويزا جو انتظار آهي.

امن امان جي خراب صورتحال سبب ماڻهو خوف واري زندگي گذارين ٿا: هندو پنچائت اڳواڻ

ڪرمپور:  هندو پنچائت جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته پاڪستان اهڙو ملڪ آهي جتي دنيا جون سڀ نعمتون موجود آهن پر حڪمرانن ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي امن مان جي خراب صورتحال سبب هر ماڻهو خوف واري زندگي گذاري رهيو آهي.

سنڌ سان ماءُ جو ناتو آهي، ڇڏڻ سولو ناهي، جان ۽ ٻچا محفوظ ناهن: لڏي ويندڙ واپاري

ڪرمپور: ڀارت لڏي ويندڙ واپارين جو چوڻ ھو ته سنڌ ڌرتي سان ماءُ جيان ناتو آهي، ان کي ڇڏڻ ايترو سولو ناهي پر مجبور ٿي پنهنجو ديس ڇڏي پيا وڃون.  ڌاڙيل ڪلچر سبب هتي هاڻي پنهنجي جان ۽ ٻچا به غير محفوظ بڻجي ويا آهن.

Read Previous

توشه خانه ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي سزا معطل، ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم

Read Next

چونڊن ۾ ڌانڌلي جا الزام: پشاور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي علي امين خلاف ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو

Most Popular