چونڊن ۾ ڌانڌلي جا الزام: پشاور هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي علي امين خلاف ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو

پشاور: (م ڊ) پشاور هاءِ ڪورٽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي خلاف عام چونڊن 2024 ۾ ڌانڌلي جي الزامن جي معاملي تي اليڪشن ڪميشن کان ڪارروائي کان روڪيندي ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو.

پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ارشد علي ۽ جسٽس  وقار احمد تي ٻڌل 2 رڪني بينچ عام چونڊن ۾ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير تي ڌانڌلي ڪرڻ ۽ زبردست ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جي خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ داخل درخواست جي معاملي تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت علي امين گنڊاپور جي خلاف اليڪشن ڪميشن کي ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو ۽ اليڪشن ڪميشن سميت ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو. علي امين گنڊاپور جي مخالف اميدوار اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪري رهي آهي  جنهن ۾ هن چونڊن ۾ ڌانڌلي ۽ زبردست ووٽ وجهڻ جو الزام لڳايو آهي.

Read Previous

اتر سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني سبب ڪرمپور جي وڌيڪ 2 ڪٽنبن جا 5 ڀاتي ڀارت لڏي ويا

Read Next

پ پ جو سينيٽ اليڪشن ۾ فيصل واوڊا کي سپورٽ ڪرڻ جو اعلان

Most Popular